Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
زندگي گهٽ ٿيڻ تي خوشيون ملهائڻ وارا عجيب ماڻهو
اي عاشقانِ رسول! يقيناً هي عبرت جو مقام آهي، هي ڏينهن ۽ راتيون قينچيءَ وانگر اسان جي زندگيءَ کي ڪٽيندا پيا وڃن، هر ڏينهن ۽ هر رات اسان موت جي وڌيڪ ويجهو ٿيندا پيا وڃون پر افسوس! اسان نصيحت نٿا وٺون، عبرت حاصل نٿا ڪريون، سستي ڪيون ٿا، گناهن تي اڙيل رهون ٿا ۽ وڌيڪ غفلت ۾ پوندا پيا وڃون. وري هيءَ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته ٻه ڏينهن پهريان سال ختم ٿيو، ٻين لفظن ۾ ايئن چئي وٺو ته اسان جي زندگيءَ جو هڪ سال گهٽجي ويو ۽ ماڻهو ان تي جشن ملهائي رهيا هئا، گناهن جو بازار گرم هو ۽ الائي ڪهڙين ڪهڙين خرافات ۾ پيل هئا. علامه ابنِ رجب حنبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اي سال گذرڻ تي خوشيون ملهائڻ وارؤ! توهان اصل ۾ پنهنجي زندگي گهٽجڻ تي خوش ٿي رهيا آهيو.[1] وڌيڪ فرمائن ٿا: اي شخص! جنهن جو هڪ کان پوءِ هڪ سال گذرندو پيو وڃي پر اهو خوابِ غفلت مان بيدار نٿو ٿئي، اي شخص! جنهن جو سال گذري ويو پر اڃا تائين گناهن جي سمنڊ ۾ ٻڏل آهي.[2] قيامت جي ڏينهن جڏهن توهان الله پاڪ جي حضور حاضر ڪيا ويندا ته توهان وٽ ڪهڙو هوندو؟ هن غفلت ۽ گناهن ڀري زندگي جو ڇا عذر پيش ڪندا.
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. ڪاش! اسان عبرت و نصيحت وٺڻ وارا بڻجي وڃون. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
دِلا غافِل نہ ہو یک دَم یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے
تُو اپنی موت کو مت بُھول، کر سامانا چلنے کا زمیں کی خاک پر سونا ہے، اینٹوں کا سرہانا ہے
عزیزا! یاد کر جس دِن عزرائیل آئیں گے نہ جاوے کوئی تیرے سنگ، اکیلا تُو نے جانا ہے
غُلامؔ اک دم نہ کر غفلت حیاتی پر نہ ہو غُرّہ خُدا کی یاد کر ہر دَم کہ جس نے کام آنا ہے