Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
ڪاش! اسان کي به نصيحت ملي، اسان به عبرت وٺون، فڪرِ آخرت اپنايون، اسان جي زندگي جو هڪ ٻيو سال ختم ٿي ويو آهي، هن سال ۾ اسان پاڻ کي بدلائينداسين، پنهنجي اخلاقن، ڪردارن، عادتن ۾ تبديلي آڻينداسين، هن سال کي سٺي انداز ۾، گناهن کان بچندي، نيڪين ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
جيئن ته نئون سال شروع ٿي ويو آهي، اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي پوئين سال جو جائزو وٺي وٺون *حساب لڳايو ته پوئين سال ڪيتريون نمازون قضا ٿيون، اڄ کان ئي انهن جي قضا به شروع ڪري ڏيو ۽ ان ڪوتاهي تي توبه به ڪري وٺو * گذريل سال رمضان ڪريم جا ڪيترا روزا رهجي ويا هئا، انهن جي به جلد از جلد قضا ڪري وٺو * پوئين سال تلاوت ۾ ڪيتري ڪمي رهي، هن سال ان کي پورو ڪيو وڃي *پوئين سال درودِ پاڪ پڙهڻ ۾ سستي رهي، هن سال ان سُستيءَ کي دور ڪيو وڃي *ڪهڙيون ڪهڙيون نيڪيون آهن، جيڪي مان پوئين سال نه ڪري سگهيس، هن سال اهي نيڪيون ڪرڻ جي ڪوشش تيز ڪئي وڃي. مطلب ته اسان کي پنهنجي پوئين سال جي ڪوتاهين ۽ محرومين جو حساب به لڳائڻو آهي ۽ اڄ کان ئي انهن جي ازالي جون ڪوششون شروع ڪري ڏيڻيون آهن.
نوان مقصد ٺاهيو، نئون جدول ٺاهيو، نوان مقصدَ سيٽ ڪريو ۽ هن سال کي پوئين سال کان بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃو.
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ وڌيڪ فرمايو:
لِّمَنْ اَرَادَ اَنْ یَّذَّكَّرَ (سيپارو: 19، الفرقان: 62)
ترجمو ڪنزُ العرفان: (هيءُ) ان جي لاءِ (نشاني) آهي جيڪو نصيحت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.