Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

هڪ ڏينهن گذري ويندو آهي، تنهنجي زندگي جو هڪ حصو گهٽ ٿي ويندو آهي، بيشڪ جڏهن کان تون پيدا ٿيو آهين، تنهنجي زندگي مسلسل گهٽ ٿيندي پئي وڃي.[1]

مومن جي نصيحت

    حضرت عُبَيۡدُالله بن سُمَيۡط رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون پنهنجي والد محترم کي فرمائيندي ٻڌو: مومن ٻانهو پنهنجي پاڻ کي ائين سمجهائيندو آهي: اي نفس! هي دنياوي ۽ فاني زندگي (Mortal Life) رڳو 3 ڏينهن ئي ته آهن، هڪ ڏينهن گذري ويو، ٻيو اهو جيڪو گذري رهيو آهي، سمجهه ته بس اهو به گذري ويو ۽ ٽيون ڏينهن ايندڙ سڀاڻي آهي ۽ اهو ته هڪ خالي اميد (Hollow Hope) آهي جنهن کي شايد تون نه ماڻي سگهين، بالفرض جيڪڏهن تون سڀاڻي تائين جيئرو رهين ته سڀاڻي جو ڏينهن تنهنجو رزق (Sustenance) ۽ نه ڄاڻ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ موت (Death) جو پيغام کڻي ايندو، ٿي سگهي ٿو تون به انهن ۾ شامل هجين جن کي موت جو پيغام ملڻ وارو آهي، پوءِ جيڪڏهن وڌيڪ زندگي ملي ته تنهنجي ڪمزور ۽ ناتوان دل تي غربت، بيماري ۽ آفتن جو غم طاري رهندو، جڏهن توکي ايترا دنياوي غم هوندا ته تنهنجي دل فڪرِ آخرت ڏانهن ڪيئن متوجهه ٿيندي؟ ياد رک! هر گذرندڙ ڏينهن تنهنجي عمر کي گهٽائيندو پيو وڃي، پر توکي ڪا پرواهه ناهي، اهو شخص آخرت لاءِ ڇا تياري ڪندو جنهن جون دنياوي خواهشون ئي پوريون ناهن ٿينديون؟ ڪيترو نادان ۽ عجيب آهي اهو مسلمان جنهن کي يقين آهي ته هي دنيا فاني آهي، آخرت باقي رهڻ واري آهي، پوءِ به باقي رهڻ واري زندگي کي ڇڏي فاني زندگي کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي غم ۾ منجهيل آهي.[2]


 

 



[1]...موسوعہ ابن ابی الدنیا،کتاب کلام اللیالی و الایام،جلد:8،صفحہ:336، رقم:26۔

[2]...عیون الحکایات،صفحہ:364 ملخصًا۔