Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ وڌيڪ فرمايو:
اَوْ اَرَادَ شُكُوْرًا(۶۲) (سيپارو: الفرقان: 62)
ترجمو ڪنزُ العرفان: يا جيڪو (الله جو شڪر) ادا ڪرڻ چاهي ٿو.
هي ٽيون سبق آهي: يعني ڏينهن رات جي بدلجڻ سان نصيحت اهو ئي وٺندو آهي، ان کي غنيمت اهو ئي ڄاڻيندو آهي جنهن جي دل ۾ جذبهءِ شڪر موجود آهي. تنهنڪري اسان کي شڪرگذار بڻجڻ گهرجي.
اسان ٿورو غور ڪريون: اسان جي چوڌاري ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پوئين سال اسان سان گڏ هئا پر هن سال اهي اسان سان گڏ نه آهن، قبرن ۾ پهچي چڪا آهن. ڇا هي شڪر جو مقام ناهي ته اسان جا ساهه اڃا تائين هلي رهيا آهن، اسان اڃا زندهه آهيون، اڃا توبھ جو موقعو موجود آهي، اڃا نيڪيون ڪري الله پاڪ کي راضي ڪرڻ ۽ ان جو قرب ماڻڻ جو موقعو موجود آهي. يقيناً هي شڪر جو مقام آهي.
اسان اصل ۾ هن زندگي جي قيمت نٿا سڃاڻون. حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪشف المحجوب ۾ لکيو آهي ته هن دنيا جو هڪ ساهه آخرت جي هزار ساهن کان بهتر آهي.[1]
ڇو؟ ان لاءِ ته * هن هڪ ساهه ذريعي جي اسان توبه ڪري سڀ گناهه معاف ڪرائي سگهون ٿا * هن هڪ ساهه جي ذريعي نيڪي ڪري اسان الله پاڪ جو قرب حاصل ڪري سگهون ٿا * هن هڪ ساهه ۾ سُبْحٰنَ الله، اَلْحَمْدُ لِلہِ، اللهُ اَکْبَرُ پڙهي اسان جنت ۾ وڻ لڳرائي سگهون ٿا * هن هڪ ساهه ۾ درودِ پاڪ پڙهي ڏهه نيڪيون ڪمائي سگهون ٿا، 10 گناهه معاف