Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

ڪرائي سگهون ٿا، 10 درجا بلند ڪرائي سگهون ٿا. جيڪڏهن هي ساهه ٽٽي ويو ۽ اسان موت جي رستي قبر ۾  لهي وياسين ته هي موقعو ختم ٿي ويندو، پوءِ اسان چاهينداسين ته اسان کي ٻيهر دنيا ۾ موڪليو وڃي پر ان وقت مهلت نه ڏني ويندي. ان ڪري اسان اڃا زندهه آهيون، نئون سال ڏسڻ نصيب ٿي رهيو آهي، هي وقت سرڪشي نه، بلڪ شڪر جو مقام آهي.

جنت ۾ پهرين وڃڻ جو سبب

   تمام بلند رتبي وارا صحابيءِ رسول حضرت طلحه بن عبيد الله رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ دفعو 2 شخص بارگاهه رسالت ۾ حاضر ٿيا، ٻنهي ڪلمو پڙهيو ۽ درجه صحابيت تي فائز ٿي ويا، (ٻئي نيڪ، پرهيزگار هئا، البته) انهن مان هڪ عبادت و رياضت ۾ تمام گهڻي محنت ڪندو هو، پوءِ جيڪو وڌيڪ عبادت گذار هو، اهو هڪ دفعو ڪنهن غزوَه ۾ شريڪ ٿيو ۽ شهيد ٿي ويو. پوءِ هڪ سال کان پوءِ ٻئي صحابي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو به انتقال ٿي ويو.

حضرت طلحه رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: انهن ٻنهي جي دنيا مان وڃڻ کان پوءِ هڪ رات مون خواب ڏٺو، ڇا ڏسان ٿو ته مان جنت جي دروازي تي بيٺو آهيان، اهي ٻئي صحابيءِ رسول رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا به اتي موجود هئا، اوچتو جنت جي اندر مان ڪو ٻاهر آيو ۽ اهو صحابي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جنهن جو انتقال هڪ سال پوءِ ٿيو هو، انهن کي کڻي جنت ۾ هليو ويو، ٿوري دير کان پوءِ وري هو ٻاهر آيو ۽ اهو صحابي جيڪو هڪ سال اڳ شهيد ٿيو هو، هاڻي انهن کي کڻي جنت ۾ داخل ٿي ويو.

   صبح ٿي ته حضرت طلحه رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ پنهنجو خواب صحابهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي ٻڌايو، سڀ حيران هئا، جڏهن هي ڳالهه سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين پهتي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي صحابه! توهان کي ڪهڙي ڳالهه تي حيرانگي آهي؟ عرض ڪيائون: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هڪ صحابي وڌيڪ عبادت گذار هو، پوءِ انهن کي شهادت جو رتبو به مليو، ان جي باوجود هو بعد جنت ۾ داخل ٿيو ۽ ٻيو