Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

صحابي جنهن جو هڪ سال پوءِ انتقال ٿيو، اهو  پهريان جنت ۾ داخل ٿي ويو، ان جو سبب ڇا آهي؟ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا هي ٻئي صحابي هڪ سال وڌيڪ زندهه نه رهيا؟ عرض ڪيائون: جي ها، رهيا آهن. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وري پڇيو: ڇا هن کان پوءِ وفات ڪرڻ واري صحابي اهي وڌيڪ سجدا نه ڪيا؟ عرض ڪيائون: جي ها، ڪيا آهن. ان تي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بس اهو ئي سبب آهي جو انهن ٻنهي جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.[1]

 پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪريو! هي ڪيتري وڏي نعمت آهي، اسان جا ڀائر، دوست، رشتيدار جيڪي دنيا مان هليا ويا، الله پاڪ انهن جي بلا حساب بخشش فرمائي، اسان اڃا به زندهه آهيون، اسان وٽ اڃا مهلت آهي، اسان هن نئين سال ۾ وڌيڪ نيڪيون ڪري، گناهن کان توبھ ڪري پنهنجا درجا بلند ڪرائي سگهون ٿا، تنهنڪري هي مقامِ شڪر آهي ۽ جيڪڏهن اسان هن مليل مهلت مان فائدو نه وٺون، نيڪيون نه ڪريون، گناهن کان توبھ نه ڪريون ته ياد رکو! هي تمام وڏي نقصان جي ڳالهه هوندي.

بهترين ماڻهو ڪير...؟

   ترمذي شريف ۾ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ سوال ٿيو: اَيُّ النَّاسِ خَيْرٌ؟ يعني بهترين ماڻهو ڪير آهي؟ فرمايائون: مَنْ طَالَ عُمْرُہٗ وَ حَسُنَ عَمَلُہٗ جنهن جي عمر ڊگهي ۽ اعمال سٺا هجن. پوءِ پڇيو ويو: اَيُّ النّاسِ شَرٌّ؟ سڀ کان خراب ٻانهو ڪير آهي؟ فرمايائون: مَنْ طَالَ عُمْرُہٗ وَ سَاءَ عَمَلُہٗ جنهن جي عمر ڊگهي ۽ اعمال خراب هجن.[2]

   الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً نئون سال ملڻ وڏي نعمت آهي پر


 

 



[1]...ابنِ ماجہ ،کتاب تعبیر الرؤیا ،باب تعبیر الرؤیا،صفحہ:631 ،حدیث:3925۔

[2]...ترمذی،کتاب  الزہد،باب:ما جاء فی طول العمر للمؤمن،صفحہ:557 ،حدیث:2330۔