Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

آخرت کی فِکْر کرنی ہے ضرور                  زِندگی اک دِن گزرنی ہے ضرور

جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور              قبر میں میت اترنی ہے ضرور

ایک دِن مرنا ہے آخر موت ہے             کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڳالهه واقعي سچي آهي، اسان کي دنياوي فڪر اهڙا وڪوڙي ويا آهن جو آخرت جي فڪر جو ته وقت ئي نٿو ملي. هر وقت بس دنيا ڪمائڻ جو ئي فڪر آهي، جنت ڪمائڻ، آخرت بهتر بڻائڻ ۽ قبر ۾ روشنيءَ جو سامان ڪرڻ جو ته ڪڏهن خيال ئي نٿو اچي.!! افسوس! هي غفلت...!! ٿورو تصور ته ڪريو! هي دنيا ڪيتري دير جي آهي. ڪهڙي خبر، اڄوڪي رات اسان جي زندگي جي آخري رات هجي، ڪهڙي خبر، ايندڙ ئي لمحي حضرت مَلَڪُ الْمَوت عَلَيۡهِ السَّلَام  تشريف کڻي اچن ۽ اسان کي سڀاڻي جو سج ڏسڻ به نصيب نه ٿئي....!!

 هونئن به ڀلي اسان سئو سال به زندگي گذاريون، آخر هڪ نه هڪ ڏينهن ته مرڻو ئي آهي. هن دنيا کي ڇڏڻ، جيڪو ڪمايو هتي ئي ڇڏي ڪري قبر ۾ لهڻ ۽ پنهنجي ڪئي جو ڦل (نتيجو) ڀوڳڻو ئي پوندو.

گر جہاں میں سو برس تُو جی بھی لے            قبر میں تنہا قیامت تک رہے

قبر روزانہ یہ کرتی ہے پکار                      مجھ میں ہیں کیڑے مکوڑے بیشمار

یاد رکھ!میں ہوں اندھیری کوٹھڑی            تجھ کو ہو گی مجھ میں سُن! وحشت بڑی

میرے اندر تُو اکیلا آئے گا                    ہاں! مگر اعمال لیتا آئے گا

گھپ اندھیری قبر میں جب جائے گا         بے عمل! بے انتہا گھبرائے گا

کام مال و زر نہیں کچھ آئے گا                  غافل انساں! یاد رکھ پچھتائے گا([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... وسائل بخشش، صفحہ:711-712 ملتقطًا۔