Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

Book Name:Har Lamha Maut Ki Taraf Qadam

محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود جي گهڻائي ڪريو! سُبْحٰنَ الله!

    يقيناً اسان به الله پاڪ جو قرب چاهيون ٿا، ته ربِ ڪريم جو قرب نصيب ٿي وڃي، ان کان پوءِ ڪهڙي خواهش آهي؟ جڏهن مالڪ جو قرب ملي ويو، پوءِ ڪهڙي ڪمي رهجي وڃي ٿي؟ هي قرب ڪيئن ملندو؟ گهڻو درودِ پاڪ پڙهي ڪري...!! الله پاڪ اسان کي اها عظيم نعمت حاصل ڪرڻ لاءِ ايترو آسان عمل پابندي سان ڪرڻ يعني گهڻو درودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

ہے خدا کی رضا پڑھو درود شریف           پاؤ گے قربِ خدا پڑھو درود شریف

حق کا ہے فیصلہ پڑھو درود شریف                                         جا بجا ہرلمحہ پڑھو! درود شریف

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

قَالَ اللهُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو):

وَ هُوَ الَّذِیْ جَعَلَ الَّیْلَ وَ النَّهَارَ خِلْفَةً لِّمَنْ اَرَادَ اَنْ یَّذَّكَّرَ اَوْ اَرَادَ شُكُوْرًا(۶۲) (سيپارو: 19، الفرقان: 62)

صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

 ترجموڪنزُ العرفان: ۽ اهو ئي آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي جي پٺيان اچڻ وارو بڻايو (هي) ان جي لاءِ (نشاني) آهي جيڪو نصيحت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو يا جيڪو (الله جو شڪر) ادا ڪرڻ چاهي ٿو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

    پيارا اسلامي ڀائرو! هاءِ! ڏسندي ڏسندي هڪ ٻيو سال گذري ويو، اسان 2025 ڇڏي 2026 ۾ داخل ٿي وياسين، نئين سال جي اچڻ تي ڪجهه ته خوشيون ملهائيندا آهن، مختلف قسم جي خرافات جو مظاهرو ڪري رب جي ناراضگيءَ