Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

طوفان جو عذاب موڪليو، جيڪي ڊڄڻ وارا هئا، اهي محفوظ رهيا، جيڪي اعتراض ڪرڻ وارا هئا، سڀئي هلاڪ ۽ برباد ٿي ويا. * حضرت لوط عَلَیْهِ السَّلَام  تشريف کڻي آيا، فرمايائون: 

فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوْنِۚ(۱۰۸) (پارو: 19، سورة شعراء: 163)

ترجموڪنزالعرفان: سو الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪيو.

جن سندن ڳالهه ٻڌي، جيڪي ڊڄي ويا، اهي بچي ويا، جيڪي نه ڊنا، رَهندو اعتراض ڪري رهيا هئا، الله پاڪ حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام  کي حڪم ڏنو ته اهي سڄو ڳوٺ پنهنجي پرن تي کڻي آسمان ڏانهن ويا ۽ اونڌو ڪري زمين تي ڦِٽو ڪيائون، مٿان وَري انهن تي پٿرن جو مينهن وسايو ويو. 

* الله پاڪ اَيڪه وارن ڏانهن حضرت شعيب عَلَیْهِ السَّلَام  کي موڪليو، پاڻ فرمايائون: 

فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوْنِۚ(۱۰۸) (پارو: 19، سورة شعراء: 163)

ترجموڪنزالعرفان: سو الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪيو.

جيڪي ڊڄڻ وارا هئا، ڊڄي ويا، ٻيا اعتراض ڪرڻ لڳا، جيڪي اعتراض ڪرڻ وارا هئا، انهن تي عذاب آيو ۽ هلاڪ ٿي ويا، جيڪي ڊڄڻ وارا هئا، مڃڻ وارا هئا، اهي دنيا ۾ به عذاب کان بچي ويا ۽ آخرت ۾ به بچي ويندا. 

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ٻن قسمن جا ماڻهو آهن، هڪڙا اهي آهن جيڪي خوف جي ڳالهه ٻڌندا آهن، قبر جي ڳالهه ڪئي وڃي، آخرت جي ڳالهه ڪئي وڃي، قيامت جي ڳالهه ڪئي وڃي، جهنم جو ذڪر ڪيو وڃي ته اهي ڊڄي ويندا آهن، دل ۾ خوف ويهاريندا به آهن، اهڙا خوش نصيب دنيا ۾ به ڪامياب آهن، آخرت ۾ به ڪامياب آهن ۽ جيڪي ڊڄندا نه آهن، ويتر اعتراض ڪندا رهندا آهن، اهي سخت خطري ۾ آهن. الله پاڪ اسان کي ڊڄڻ وارو بڻائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم

هڪ انساني فطرت جو   بيان

پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ ڳالهه عرض ڪريان ته اسان انسان آهيون، اسان