Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

اسان ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي ئي غور ڪريون ته ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو آهي جو تِرَ جيترو خوفِ خدا به اسان کي لرزائي ڇڏيندو آهي ۽ اسان گناهن کي ڇڏي نيڪ رستي تي اچي ويندا آهيون. غور ڪريو * ڇا جنازو ڏسي زبان تي ڪلمو شريف جاري نه ٿيندو آهي* جيڪڏهن اوچتو زلزلو اچي وڃي ته ماڻهو گناهن کي ڇڏي ڪلمو پڙهڻ شروع نه ڪندا آهن * حقيقت ۾ نه، پر خواب ۾ به جيڪڏهن قبر ڏسي وٺون، قبر جو ڪو هولناڪ منظر ڏسي وٺون، قيامت جي هولناڪين جي باري ۾ ڪو خواب ئي ڏسي وٺون ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين اهو منظر اسان جي اکين اڳيان نه هٽندو آهي، اسان ڪنهن کي اهو خواب ٻڌايون يا نه ٻڌايون، پر اسان جي دل ۾ ڪٿي نه ڪٿي ان خواب جو اثر رهندو آهي ۽ ان ئي اثر جي ڪري گناهن ڏانهن وڌندي اسان جا قدم لرزندا آهن. 

ان مان اندازو لڳايو ته جڏهن خوفِ قيامت تي ٻَڌَل هڪ خواب جو ايڏو اثر ٿي رهيو آهي ته پوءِ جيڪڏهن اهو خوفِ خدا مستقل طور تي اسان جي دل ۾ ويهي وڃي ته ان جا ڪيترا نه فائدا ملندا. 

قيامت جي خوف جون فضيلتون

 (1)  رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن سڀئي اکيون روئڻ واريون هونديون پر 3 اکيون نه روئنديون، انهن مان هڪ اک اها آهي جيڪا دنيا ۾ الله پاڪ جي خوف کان رُني هوندي. ([1]) 

 (2)  حضرت انس رَضِیَ الله عَنْہُ کان روايت آهي: هڪ دفعو الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن آيت جي تلاوت فرمائي: 

وَّ قُوْدُهَا النَّاسُ وَ الْحِجَارَةُ (پارو: 28، سورة تحريم: 6)

ترجموڪنزالعرفان: جنهن جو ٻارَڻُ  انسان ۽ پٿر آهن.

پوءِ ارشاد فرمايائون: جهنم جي باهه هڪ هزار سالن تائين ڀڙڪائي وئي ته اُها ڳاڙهي ٿي وئي، وڌيڪ هڪ هزار سالن تائين ڀڙڪائي وئي ته اها اَڇِي ٿي وئي، اڃان وڌيڪ هڪ هزار سالن تائين ڀڙڪائي وئي ته اها ڪاري ٿي وئي،


 

 



[1]... کنز العمال، کتاب المواعظ،جلد:15،صفحہ:356، حدیث: 43350۔