Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

تڏهن به جنت ۽ دوزخ سندس تصور ۾ هوندا آهن * هو آفيس ۾ هوندو آهي ان وقت به جنت ۽ جهنم سندس تصور ۾ هوندا آهن * هو بازار ۾ هوندو آهي، تڏهن به جنت ۽ جهنم کي خيال ۾ رکندو آهي * سفر ۾ هوندو آهي، تڏهن به جنت ۽ جهنم کي ياد رکندو آهي * مطلب ته ڪامل ايمان وارو اهو آهي جيڪو جنت ۽ دوزخ کي هميشه پنهنجين نظرن جي سامهون رکندو آهي، انهن ٻنهي کي ڪڏهن به نه وساريندو آهي. 

جنهن جي دل ايمان جي نور سان چمڪي پئي

حضرت حارثه رَضِیَ الله عَنْہُ صحابيءِ رسول آهن، هڪ دفعو بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا، محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کانئن پڇيو: کَیْفَ اَصْبَحْتَ یَاحَارِثَہ؟ اي حارثه! تنهنجو صبح ڪهڙي حال ۾ ٿيو؟ عرض ڪيائون: اَصْبَحْتُ مُؤْمِناً حَقًّا يعني يارسولَ اللہ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان صبح ان حال ۾ ڪيو جو مان الله پاڪ تي سچو ايمان رکڻ وارو هيس. فرمايائون: ان جو ڪهڙو دليل آهي ته تون سچي ايمان وارو آهين؟ 

هاڻي حضرت حارثه رَضِیَ الله عَنْہُ پنهنجي دِل جي ڪيفيتن بابت عرض ڪيو، ان ۾ هي به عرض ڪيائون: يارسولَ اللہ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجي حالت اهڙي آهي ڄڻ مان جنت کي پنهنجين اکين سان ڏسي رهيو آهيان، جنت وارا هڪ ٻئي سان ملاقات ڪري رهيا آهن، بلڪل اهڙي طرح مان دوزخ کي به اکين سان ڏسي رهيو آهيان ته دوزخ وارا دانهُون ۽ ڪُوڪُون ڪري رهيا آهن. 

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِها ڳالهه ٻڌي ته فرمايائون: أَلْزِمْ اي حارثه! (تمام مبارڪ ڪيفيت آهي) ان تي ثابت قدم رهه. پوءِ فرمايائون: مُؤْمِنٌ نَوَّرَ الله قَلْبَهٗ يعني حارثه اهڙو ٻانهو آهي جنهن جي دل کي الله پاڪ ايمان جي نُورَ سان چمڪائي ڇڏيو آهي.([1]) 

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته مسلمان جو اهو شان هوندو آهي ته هو


 

 



[1]... مسند بزار، جلد:13، صفحہ:333، حدیث:6948۔