Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

۽ خوفِ خدا جي دولت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو. 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور شرڪت ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون، انهن 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار مدني مذاڪرو به آهي. 

اميرِ اهل سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہم الْعَالِیَہ هن دور جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت بلڪه وليءِ ڪامل آهن، پاڻ هر ڇنڇر تي نمازِ عشا کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن. جنهن ۾ سڄي دنيا جا عاشقانِ رسول تفسير، حديث، شريعت، طريقت وغيرهه جي مختلف موضوعن تي سوال ڪندا آهن ۽ اميرِ اهل سنت انهن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن. هفتيوار مدني مذاڪرو ڇنڇر جي ڏينهن عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي لائيو(Live) ڏيکاريو ويندو آهي. مدني مذاڪرو عَقِيدَن ۽ عملن جي اصلاح جو بهترين ذريعو آهي. * الحمد لله! هن وقت تائين ڪيترائي غير مسلم مدني مذاڪرو ڏسي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي چڪا آهن * ڪيترائي بي نمازي نمازي بڻجي چڪا آهن * هزارين دلين جي اصلاح ٿي چڪي آهي. 

توهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علمِ دين حاصل ٿيندو * محبتِ الٰهي ملندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي * نيڪين ڪرڻ جو جذبو ملندو ۽* اخلاق ۽ ڪردار ۾ به بهتري ايندي. سڀئي اسلامي ڀائر پابنديءَ سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي نيت ڪري ڇڌيو! 

علم ۽ حڪمت سان ڀرپور مدني مذاڪرو

پنجاب، پاڪستان واہه ڪينٽ (ضلع راولپنڊي) جي هڪ نوجوان جو بيان آهي ته: نمازون قضا ڪرڻ، فلمون ڏسي شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ گانا باجا وغيره ٻڌي مست رهڻ منهنجو معمول هو افسوس! مان سنتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هيس، منهنجي گناهن ڀري زندگي ۾ روشني هيئن آئي جو هڪ