Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
جي فطرت ۾ ٻه شيون موجود آهن: (1): اميد (2): خوف. حڪمت جي ڳالهه اها آهي ته اڪثر ڪري ماڻهو خوف جي سبب ته ڳالهه مڃي ويندا آهن، پر اميد جي ذريعي نه مڃيندا آهن. مثال طور، ڊاڪٽر اسان کي ڪيترين ئي شين جا فائدا ٻڌائيندا آهن * صُوفَ کائيندا ڪريو! هِي فائدو ٿيندو * ڏاڙُهون کائيندا ڪريو! هُو فائدو ٿيندو. ڇا اسان انهن جي ڳالهه مڃيندا آهيون؟ نه مڃيندا آهيون. تمام ٿورا ماڻهو سندن ڳالهه مڃيندا آهن. پر جڏهن ڊاڪٽر ڊيڄاريندا آهن ته * فلاڻي شيءِ نه کائجو، نه ته بيماري وڌي ويندي. ته پوءِ ماڻهو ان شيءِ کان پرهيز ڪرڻ لڳندا آهن.
معلوم ٿيو ته اسان جي فطرت ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته اسان خوف جي سبب جلدي مڃي ويندا آهيون.
حضرت مالِڪ بن دينار رَحمۃُ اللہِ علیہ جي توبهه جو واقعو
حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا وليءِ ڪامل ٿي گذريا آهن، توبهه ڪرڻ کان اڳ ۾ پاڻ نشي جا عادي هئا، پاڻ هڪ ڀيري خوفِ قيامت تي ٻَڌل هڪ خواب ڏٺائون، جيڪو سندن توبهه جو سبب بڻيو، پاڻ توبهه ڪيائون ۽ ولايت جي بلند ترين مقام تي پهچي ويا. اهو خواب ڪهڙو هو؟ ڪتابن ۾ لکيل آهي ته: انهن جي هڪ نياڻي هئي، جنهن سان پاڻ تمام گهڻي محبت ڪندا هئا. سندن ان نياڻي جو انتقال ٿي ويو. نياڻي جي انتقال کان پوءِ هڪ ڏينهن انهن خواب ڏٺو، ڇا ٿا ڏسن ته قيامت جو هوش خطا ڪرڻ وارو منظر آهي، پاڻ پنهنجي قبر مان نڪتا، ساڻن گڏ هڪ وڏو نانگ به انهن جي قبر مان نڪتو ۽ سندن پِيڇو ڪرڻ لڳو، پاڻ ان کان ڊڄي ڀڄڻ شروع ڪيائون، اهو نانگ به سندن پٺيان تيزيءَ سان هلڻ لڳو، پاڻ ڀڄندا ڀڄندا هڪ ڪمزور پوڙهي شخص وٽان لنگهيا، پاڻ ان کي چيائون ته مون کي هن نانگ کان بچاءِ! پر ان پوڙهي شخص جواب ڏنو: مان ڪمزور آهيان، مان توکي ان کان نه ٿو بچائي سگهان. حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڀڄندا ڀڄندا هڪ جبل تي چڙهي ويا، جتي شاميانا ۽ خيما لڳل هئا، اوچتو هڪ آواز آيو: هن نااميد کي دشمن جي هٿن ۾ وڃڻ کان اڳ ئي گهيري وٺو! ته ڪيترن ئي ٻارن کين گهيري