Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

ڇڏيو، جن ۾ سندن اها نياڻي به شامل هئي، اها سندن ويجهو آئي، هُن نانگ کي ماريو ته اهو ڀڄي ويو ۽ پوءِ هُوءَ سندن جهولِيءَ ۾ ويهي رهي، هن کين ٻڌايو ته بابا سائين! اهو نانگ اصل ۾ توهان جا بُرا اعمال هئا ۽ اهو پوڙهو شخص جنهن جي ڀرسان توهان گذريا هئا اهو توهان جو سٺو عمل هو، توهان بُرن عملن جي ذريعي ان کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو هو جو ان ۾ توهان جي بُرن عملن سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت ئي نه رهي هئي، تنهنڪري توهان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ توبهه ڪريو ۽ پاڻ کي هلاڪت کان بچائڻ جي ڪوشش ڪريو. 

هي خواب ڏسڻ کان پوءِ حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿيا ته سچي توبهه ڪيائون ۽ نيڪ عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون، ايسيتائين جو الله پاڪ کين ولايت جي بلند ترين مقام تي پهچائي ڇڏيو. ([1]) 

الله اکبر! اي عاشقانِ رسول! توهان ڏٺو ته هڪ گهڙيءَ جو قيامت جو خوف جيڪو هڪ خواب ڏسڻ جي ذريعي دل ۾ پيدا ٿيو، ان خوفِ قيامت حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي زندگي بدلائي ڇڏي.

نه ڊڄڻ گناهه آهي

تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان ڊڄندا رهون. ياد رکو! الله پاڪ جي خفيه تدبير کان بي خوفي (يعني پنهنجي موجوده حالت تي مطمئن ٿي وڃڻ) تمام نقصان ڪار آهي. صحابيءِ رسول حضرت عمار بن ياسر رَضِیَ الله عَنْہُ فرمائن ٿا: * الله پاڪ جي رحمت مان نااميد ٿي وڃڻ * الله پاڪ جي مدد کان نااميد ٿي وڃڻ * ۽ پنهنجو   پاڻ کي الله پاڪ جي خفيه تدبير کان محفوظ سمجهڻ وڏن گناهن مان تمام وڏا گناهه آهن. ([2])   

70 زاهِدَن جو عبرتناڪ انجام

حضرت وهب بن منبه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: بني اسرائيل ۾ 70 زاهد (يعني دنيا کان بي رغبتي رکڻ وارا نيڪ ماڻهو) هئا، ان زماني ۾ انهن جهڙو نيڪ


 

 



[1]...الروض الریاحین،صفحہ:157 -158خلاصۃً۔

[2]... مکارم الاخلاق للطبرانی، صفحہ:217، رقم:125۔