Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
اي انسانو! جهنم کان ڊِڄو ...!!
حضرت عدي بن حاتم رَضِیَ الله عَنْہُ کان روايت آهي، پاڻ فرمائن ٿا:هڪ ڏينهن محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دوزخ جو ذڪر فرمائي رهيا هئا. بيان ڪندي ڪندي پاڻ سڳورن ان کان پناهه گهري.
ان دوران پاڻ سڳورن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو نوراني چهرو هڪ طرف ڦيري ڇڏيو. پوءِ (اسان ڏانهن رخ ڪري) وري دوزخ کان پناهه گهريائون! وري پنهنجو چهرو مبارڪ ڦيري ڇڏيائون، ٽيون ڀيرو وري دوزخ کان پناهه گهريائون ۽ چهرو مبارڪ ڦيري ڇڏيائون.
صحابي رَضِیَ الله عَنْہُ فرمائن ٿا: پاڻ سڳورن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (جو بار بار پنهنجو پاڪ چهرو ڦيرائڻ ۽ چهري مبارڪ جا تاثرات ٻڌائي رهيا هئا ته) ڄڻ ته پاڻ سڳورا دوزخ کي ڏسي رهيا هئا (ان ڪري ئي ناپسنديدگيءَ سان پنهنجو مبارڪ چهرو ڦيرائي رهيا هئا).
پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ” اتَّقُوا النَّارَ “ يعني اي انسانو! دوزخ (جي باهه) کان بچو...!
تو ڈر اپنا عنایت کر، رہیں اِس ڈرسے آنکھیں تر
مٹا خوفِ جہاں دل سے، مٹا دنیا کا غم مولیٰ([1])
جيڪو روئيندو اُهو جنت ۾ داخل ٿيندو
حضرت جرير بن عبدُاللہ رَضِیَ الله عَنْہُ کان روايت آهي، نبين جي سردار، مديني جي تاجدار صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي فرمايو: مان توهان جي سامهون سورةُ التَّكَاثُرُ جي تلاوت ڪري رهيو آهيان، توهان مان جيڪو روئيندو، اهو جنت ۾ داخل ٿيندو. پوءِ سرڪارِ مدينه صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اها سورت پڙهي. اسان مان ڪي ته رنا ۽ ڪي نه روئي سگهيا. جيڪي نه روئي سگهيا هئا، انهن عرض ڪيو: يارسولَ اللہ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان روئڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر روئي نه سگهياسين. سرڪارِ مدينه صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مان ان کي ٻيهر پڙهي رهيو آهيان،