Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
اسان ڪنهن رستي تي وڃي رهيا آهيون، رستو بلڪل صاف آهي ۽ ڪوئي هروڀرو چئي رهيو آهي ته اڳتي نه وڃ، اڳتي ڌاڙيل آهن، سنڀالي هل، اڳيان کُوهه آهي. اهو ڊيڄارڻ يقيناً بُرو آهي. جيڪو اهڙي نموني ڊيڄاريندو آهي، اهو سٺو نه ڪندو آهي (2): ٻيو ڊيڄارڻ اهو آهي ته سامهون خطرو موجود آهي، هاڻي جيڪڏهن ڪو ڊيڄاري ته اهڙو ڊيڄارڻ وارو اسان جو خيرخواهه هوندو آهي. توهان ڏسو! ڊاڪٽر به ته ڊيڄاريندا آهن نه؟ ته...!! فلاڻيون فلاڻيون شيون نه کائو، نه ته ڪينسر ٿي ويندي. فلاڻي شيءِ نه کائو، نه ته هارٽ اٽيڪ جو خطرو وڌي ويندو. اهڙو جيڪو ڊاڪٽر هجي، جيڪو اسان جي حالت ڏسي اڳواٽ ئي اسان کي اطلاع ڏئي ڇڏيندو آهي، اهڙي ڊاڪٽر کي اسان خراب سمجهندا آهيون يا سٺو سمجهندا آهيون؟ يقيناً سٺو ئي سمجهندا آهيون ڇو ته هن اڳ ۾ ئي اسان کي خطري کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
اهڙي طرح * انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام ماڻهن کي ڊيڄاريو * رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي ڊيڄاريو * صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان ڊيڄاريو * اولياءِ ڪرام ڊيڄاريو * علماءِ ڪرام ڊيڄاريو. اِهو ڊيڄارڻ اجايو نه آهي، قبر جي کَڏَ اسان جي سامهون موجود آهي * قيامت اچڻ واري آهي * قيامت جو منظر تمام هولناڪ آهي * جهنم سخت خطرناڪ آهي ۽ واقعي آهي. لهٰذا جيڪي اسان کي قبر ۾ لهڻ کان پهريان قبر جون اندروني حالتون ٻڌائي رهيا آهن * قيامت اچڻ کان پهريان قيامت جا احوال ٻڌائي رهيا آهن، اهي ته اسان جي لاءِ سٺو ڪري رهيا آهن جو قبر ۾ لهڻ کان پهريان ئي اسان کي سڀني خطرن کان آگاهه ڪري رهيا آهن.
ان ڪري جيڪو اسان کي ڊيڄاري، ڪڏهن خوفِ خدا بيان ڪري رهيو هجي * ڪڏهن جهنم جو ذڪر ڪري رهيو هجي * ڪڏهن قيامت جا هولناڪ منظر بيان ڪري رهيو هجي، اهڙي خوشنصيب ۽ حڪمتِ عملي واري مبلغ جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن پهريان ئي اسان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.