Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن ڪو اسان کي خوفِ خدا واريون ڳالهيون ٻڌائي ته ان تي اعتراض ڪرڻ جي بدران، اهو چوڻ جي بدران ته! مولَوي ته رڳو ڊيڄاريندا ئي رهندا آهن، اسان کي گهرجي ته اسان انهن جي ڳالهه ٻڌون، ان کي دل ۾ سانڍيون ۽ پنهنجي دل ۾ خوفِ خدا وڌائڻ وارا بڻجي وڃون.
توهان قرآن ڪريم پڙهو! جيترا به انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام تشريف کڻي آيا، سڀئي ڊيڄارڻ جي لاءِ ئي تشريف کڻي آيا هئا، پر جڏهن انبياءِ ڪرام عَلَیْهِم السَّلَام ماڻهن کي ڊيڄاريو ته ماڻهون ٻن قسمن ۾ ورهائجي ويا. مان قرآن ڪريم جي روشني ۾ انهن ٻنهي قسمن جو انجام مختصر طور تي ٻڌايان ٿو، جنهن کان پوءِ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڊِڄَ بابت ٻڌڻ کان پوءِ اسان کي اعتراض ڪرڻ وارن مان ٿيڻو آهي يا ڊڄڻ وارن مان ٿيڻو آهي؟
ٻڌو! * الله پاڪ جا نبي حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام تشريف کڻي آيا، فرمايائون:
اِنِّیْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِیْنٌۙ(۱۰۷) فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوْنِۚ(۱۰۸) (پارو: 19، سورة شعراء: 107-108)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ مان توهان جي لاءِ هڪ امانتدار رسول آهيان. سو الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪيو.
ماڻهن جا ٻه قسم ٿي ويا: صرف 80 ماڻهو الله پاڪ کان ڊنا، ٻين سڀني اعتراض ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. پوءِ ٻوڏ آئي، الله پاڪ هن عالمگير ٻوڏ ۾ 80 ماڻهن کي بچائي ورتو، ٻين سڀني کي غرق ڪري ڇڏيو.
* قومِ عاد ڏانهن حضرت هود عَلَیْهِ السَّلَام تشريف کڻي آيا، فرمايائون:
اِنِّیْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِیْنٌۙ(۱۰۷) فَاتَّقُوا اللّٰهَ وَ اَطِیْعُوْنِۚ(۱۰۸) (پارو: 19، سورة شعراء: 107-108)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ مان توهان جي لاءِ هڪ امانتدار رسول آهيان. سو الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪيو.
قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، ڪجهه ماڻهن الله پاڪ کان ڊڄي، ايمان قبول ڪيو، باقي نه ڊنا، ويتر اعتراض ڪرڻ لڳا، الله پاڪ سخت زوردار