Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
جيڪو روئيندو، ان جي لاءِ جنت آهي ۽ جيڪو نه روئي سگهي اُهو روئڻ جهڙي شڪل ئي بڻائي.([1])
الله اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! هيءَ اداءِ مصطفيٰ آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن بيان فرمائيندا هئا ته پاڻ به روئيندا هئا ۽ ٻين کي به روئاريندا هئا. تنهنڪري اڄ جيڪي مبلغين روئندا آهن ۽ روئاريندا آهن، خوفِ خدا واريون ڳالهيون ڪندا آهن، اهي اداءِ مصطفيٰ کي ادا ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن.
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! الله جي خوف جي حوالي سان ”مڪتبة المدينه“ هڪ تمام پيارو ڪتاب ”خوفِ خُدا“ جي نالي سان شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ الله جي خوف بابت قرآني آيتون ۽ حديثون بيان ڪيون ويون آهن، ان سان گڏوگڏ، اڳين بزرگن جي الله جي خوف سان ڀرپور واقعن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان قيمت تي طلب فرمائن يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽwww.dawateislami.net تان مفت ڊائون لوڊ ڪري وٺو. پاڻ به پڙهو، ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو.
صحابي رَضِیَ الله عَنْہُ جهنم کان ڊيڄاريو
حضرت بَڪَر مُزۡني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: صحابيءِ رسول حضرت ابوموسيٰ اشعري رَضِیَ الله عَنْہُ بصره ۾ هئا، پاڻ خُطبو ڏنائون، خطبي جي دوران جهنم جو تذڪرو شروع ڪري ڏنائون ۽ جهنم جو ذڪر ايتري ته رقت سان ڪيائون جو سندن مبارڪ ڳوڙها منبر تي ڪرڻ لڳا. راوي چوي ٿو: ان ڏينهن صحابيءِ رسول جي اجتماع ۾ ماڻهو شدت سان روئي رهيا هئا.
تِرے خوف سے، تیرے ڈر سے ہمیشہ میں تھرتھر رہوں کانپتا یااِلٰہی! ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڊيڄارڻ ٻن قسمن جو هوندو آهي: (1): هڪ اهو ته خطرو موجود نه آهي، پر ڪو شخص پوءِ به ڊيڄاريندو رهندو آهي، مثال طور