Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس  ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

2  عظيم شين کي نه وِساريو

صحابيءِ رسول حضرت عبدُ اللہ بن عُمر رَضِیَ اللہُ عنہما کان روايت آهي، فرمائن ٿا: هڪ دفعي رسولِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خُطبو ڏيندي فرمايو: (اي انسانو...!!) ٻن عظيم شين کي نه وساريو...!! (1): جنت (2):  ۽ دوزخ.

اِهو چئي پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روئڻ لڳا، ايترو رُنا، ايترو رُنا جو سندن ڏاڙهي مبارڪ جا ڪنارا ڳوڙهن سان آلا ٿي ويا. پوءِ فرمايائون: اُن ذات جو قسم! جنهن جي قبضي ۾ مُحَمَّد (صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي جان آهي، آخرت جي باري ۾ جيڪڏهن توهان کي اها خبر هجي جيڪا مون کي آهي ته توهان جبلن ڏانهن نڪري وڃو ها ۽ پنهنجي مٿن ۾ مِٽِي وِجهو ها.([1])

مجھے سچّی توبہ کی توفیق دیدے                                                                             پئے تاجدارِ حرم یاالٰہی!

مجھے نارِ دوزخ سے ڈر لگ رہا ہے                                                       ہو مجھ ناتُواں پر کرم یاالٰہی!

ڪامل مومن جي هڪ نشاني

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪا حديث پاڪ اسان ٻڌي، ان مان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو. سڀ کان پهريان ته ان نصيحت تي غور ڪريو ته محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي فرمايو ته: لَا ‌تَنْسَوُا‌الْعَظِيمَتَيْنِ الجنّۃَ و النَّارَ   ٻن عظيم شين کي ڪڏهن به نه وساريو...!! (1): جنت (2): دوزخ. 

معلوم ٿيو ته هڪ مسلمان جو اهو شان هوندو آهي ته هو جنت ۽ دوزخ کي هميشه پنهنجِين اکين جي آڏو رکندو آهي * جڏهن هو گهر ۾ هوندو آهي،


 

 



[1]... موسوعہ ابن ابی دنیا، صفۃ النار، جلد:6، صفحہ:399، حدیث:2۔