Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدار رسالت، شهنشاهه نبوت صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
قناعت سنتِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ٻه فرمان: (1) جنهن ايمان آندو، کيس بقدرِ ڪفايت رزق ڏنو ويو ۽ هن الله پاڪ جي ڏنل تي قناعت ڪئي، بيشڪ اهو ڪامياب (Successful) ٿيو. ([2]) (2): اي ابوهريره! قناعت اختيار ڪر، سڀ کان وڏو شڪر گزار بڻجي ويندين. ([3])
اي عاشقانِ رسول! قناعت سنتِ مصطفيٰ آهي. قناعت جو مطلب آهي: جيترو مليو ان تي راضي رهڻ، وڌيڪ جي خواهش نه ڪرڻ * اسان جي پياري آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي جيڪو ملندو هو خوشي خوشي تناول فرمائيندا هئا * پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به کاڌي ۾ عيب نه ڪڍيو * پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به لذيذ (Tasty) ۽ پرتڪلف کاڌن جي خواهش نه فرمائي * رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مال ۽ دولت جي خواهش نه رکندا هئا.
کل جہاں مِلک اور جَو کی روٹی غذا اس شکم کی قناعت پہ لاکھوں سلام ([4])
پيارا اسلامي ڀائرو! سنتِ مصطفيٰ تي عمل ڪريو، قناعت اختيار ڪريو