Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
الله اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! هي الله پاڪ جا نبي آهن، معصوم آهن، گناهن کان يقيناً پاڪ آهن، پڪا جنتي آهن، نه ڄاڻ ڪيترن جي جنت ۾ وڃڻ جو سبب هوندا. ان جي باوجود به جهنم کي ڪيئن نه هميشه پنهنجي نگاهن ۾ رکندا هئا. ڪاش! اسان به هميشه جهنم کي پنهنجين نظرن ۾ رکڻ وارا بڻجي وڃون. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
پيارا آقا جهنم کان ڊيڄاريندا هئا
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حديث پاڪ ٻڌي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفىٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خُطبو ڏنو ۽ خطبي ۾ فرمايائون: اي انسانو...!! جنت کي به ياد رکو ۽ دوزخ کي به ياد رکو...!!
هن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جا آقا و موليٰ، رسولِ خدا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيڪي بيانَ فرمائيندا هئا، انهن بيانن ۾ خوفِ خدا جو موضوع به شامل هوندو هو.
اڄ جيڪڏهن ڪو مذهبي شخص يا مبلغ خوفِ خدا واريون ڳالهيون ٻڌائيندا آهن، جهنم جو ذڪر ڪندا آهن، خوفِ خدا سبب روئيندا به آهن ۽ روئاريندا به آهن ته ڪجهه نادان چوندا آهن ته مولَوي ته رڳو ڊيڄاريندا ئي رهندا آهن.
جي ها! اسان ڊيڄاريندا رهندا آهيون. ڇو ڊيڄاريندا آهيون؟ ڇاڪاڻ ته جهنم جو تذڪرو ڪرڻ، قيامت جي هولناڪ منظرن جي باري ۾ ماڻهن کي ٻڌائڻ، قبر جي وحشت بابت خبر ڏيڻ اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفىٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ سنت آهي.
اي محبوب! ماڻهن کي ڊيڄاريو ...!!
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ پنهنجي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمايو:
قُمْ فَاَنْذِرْﭪ(۲) (پارو: 29، سورة مدثر، آيت: 2)
ترجموڪنزالعرفان: اُٿِي بِيههُ پوءِ ڊيڄار
بخاري شريف جي حديث پاڪ جي مطابق هي آيتِ ڪريمه اظهارِ نبوت کان بعد بلڪل ابتدائي دور ۾ نازل ٿي.([1])