Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
جنت ۽ جهنم کي هميشه پنهنجين نگاھن ۾ رکندو آهي ۽ جيڪو شخص هي عظيم ڪم ڪري وٺندو آهي، اُهو جتي به هجي، پنهنجون نگاھون، جنت کان به نه هٽائيندو آهي ۽ دوزخ کان به نه هٽائيندو آهي، الله پاڪ اهڙي خوش نصيب جي دل کي نورِ ايمان سان چمڪائي ڇڏيندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته پنهنجي زندگيءَ ۾ هن ڳالهه کي نافذ ڪريون * هَلندي * ڦِرَندي * اٿندي ويهندي * گهر ۾ * دڪان تي * ڪم ڪار ۾ * آرام جي وقت * جتي به هجون * جهڙي به حال ۾ هجون * جهڙي به ڪيفيت ۾ هجون، جنت ۽ جهنم جو تصور پنهنجي دل ۾ ڄمائي رکون. روايت آهي ته: ماڻهو گڏجي ويهن، پوءِ پنهنجي مجلس ۾ جنت ۽ دوزخ جو ذڪر نه ڪن ته فرشتا چوندا آهن: هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ٻن عظيم شين (يعني جنّت ۽ دوزخ) کان غافل ٿي ويا آهن.([1])
آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں سامان سو برس کا ہے، پَل کی خبر نہیں
کُوچ ہاں! اے بےخبر ہونے کو ہے کب تلک غفلت..! سحر ہونے کو ہے
جهنم جي گرمي ڪيئن برداشت ڪري سگهنداسين
* الله پاڪ جا نبي حضرت داؤد عَلَیْهِ السَّلَام تمام گهڻا خوفِ خدا وارا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ تَنُور جي ڀرسان گذريا ڏٺائون ته ان ۾ باهه ٻري رهي هئي، اهو ڏسي کين جهنم جي باهه ياد اچي وئي، سندن دل گهٻرائجي وئي، بيچيني (Restlessness) ۾ زمين تي ڪري پيا ۽ ايترو تڙپيا جو گمان ٿي رهيو هو ته سندن جسم جو سَنڌُ سَنڌُ جدا (Dislocate) نه ٿي وڃي * گرميءَ جي ڏينهن ۾ حضرت داؤد عَلَیْهِ السَّلَام جڏهن اُسَ ۾ ايندا هئا ته چوندا هئا: اي الله پاڪ! اسان تنهنجي ٺاهيل سج جي گرمي برداشت نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ جهنم جي گرمي ڪيئن برداشت (Tolerate) ڪري سگهنداسين؟ ([2])