Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

وڃو! * قرآن ڪريم ۾ اڳين ۽ پوين جو علم آهي * قرآن ڪريم نور آهي * قرآن ڪريم الله پاڪ جي مضبوط رسي آهي * قرآن ڪريم ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي * قرآن ڪريم شفاعت فرمائڻ وارو آهي ۽ نازل ڇو ٿيو؟ دلين ۾ خوفِ خدا وڌائڻ جي لاءِ. تنهنڪري جيڪڏهن اسان پنهنجي دل ۾ الله پاڪ جو، قيامت جي ڏينهن سندس بارگاھ ۾ حاضري جو خوف وڌائي ڇڏيون ته ان جي برڪت سان اسان کي عروج به ملندو، ترقي به ملندي، دنيا ۽ آخرت ۾ نجات به نصيب ٿيندي، حڪمت به نصيب ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته روزِ قيامت اسان شفاعت جا حقدار به بڻجي وينداسين. 

هن مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو اسان کي ڊيڄاريندا رهندا آهن، ڪڏهن قيامت جو تذڪرو شروع ڪري ڏيندا آهن، ڪڏهن جهنم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن، ڪڏهن قبر جون هولناڪيون ٻڌائيندا آهن، ڪڏهن موت جون سختيون ٻڌائي رهيا هوندا آهن، اهي ماڻهو اصل ۾ اسان کي ترقي، ڪاميابي، بلندي ۽ قربِ الهي جو حقدار بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهن. 

محبّت میں اپنی گُما یاالٰہی!                                                                                                   نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالٰہی!

مِرے اَشک بہتے رہیں کاش ہر دم                                              ترے خوف سے یاخدا یاالٰہی!

ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ                               میں          تھرتھر        رہوں         کانپتا        یاالٰہی!([1])

اسان جا آقا نَذِير آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم ڇو آيو؟ ته جيئن ماڻهن کي ڊيڄاريو وڃي. هاڻي ٻڌو! اسان جا آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڇو تشريف کڻي آيا؟ الله پاڪ فرمايو: 

لِیَكُوْنَ لِلْعٰلَمِیْنَ نَذِیْرَ ﰳاۙ (۱)(پارو: 18، سورة فرقان: 1)

ترجموڪنزالعرفان: ته جيئن هو سڄي جھان وارن کي ڊيڄاريندڙ هجي.

معلوم ٿيو ته اسان جا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نذير بڻجي تشريف کڻي آيا، سندن هڪ نالو ئي نَذِير آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: ڊيڄارڻ وارو. خبر پئي ته محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڊيڄارڻ وارا نبي آهن. 


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:105 ملتقطاً۔