Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

ٻيو ڪو به نه هو، الله پاڪ ان زماني جي نبي عَلَیْهِ السَّلَام  ڏانهن وحي فرمائي ته اِهي 70 زاهد دنيا مان ڪافر ٿي نڪرندا. ان نبي عَلَیْهِ السَّلَام  حيرانيءَ وچان پڇيو: يا الله پاڪ! ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ (هي ته تمام نيڪ ماڻهو آهن، دنيا کان بي رغبتي رکڻ وارا آهن، نيڪين مٿان نيڪيون ڪرڻ وارا آهن، پوءِ انهن جو انجام اهڙو ڇو ٿيندو؟) الله پاڪ فرمايو: ان ڪري ته اُهي پنهنجي انجام کان بي فڪر ٿي ويا آهن. ([1]) 

الله اکبر! معلوم ٿيو ته ڊڄڻ تمام ضروري آهي، دل مان جيڪڏهن خوفِ خدا نڪري وڃي ته انسان توڙي جو نيڪَن جو سردار هجي تڏهن به سِڌي رستي کان هٽي سگهي ٿو، پر جنهن دل ۾ خوفِ خدا جي دولت موجود هوندي آهي، اهو گنهگار هئڻ جي باوجود به هڪ نه هڪ ڏينهن توبهه ڪري نيڪِيُن جي رستي تي اچي ويندو آهي. 

الٰہی! میں تیری عطا مانگتا ہوں                                                                    کرم مغفرت کی دُعا مانگتا ہوں

بچانا بُرے خاتمے سے بچانا                                                                                میں اِیمان پر خاتمہ مانگتا ہوں ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

جيڪڏهن مان بادشاهه هجان ها ته ...!!

        حضرت ابوالجوزاء رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائيندا هئا: جيڪڏهن مان بادشاهه بڻجي ويس ته مان رستن تي وڏا وڏا مينار ٺهرائيندس ۽ انهن جي مٿان هڪ هڪ ماڻهو بيهاري انهن کي چوندس ته بس هر وقت هينئن پڪاريندا رهو: اي انسانو! جهنم. اي انسانو! جهنم. اي انسانو! جهنم. ([3])

  مطلب ته حضرت ابوالجوزاء رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا ته جيڪڏهن ماڻهن جي دل ۾ جهنم جو خوف پيدا ڪري ڇڏجي ته نه رڳو هڪ فرد پر سموري قوم سِڌي رستي جي مسافر بڻجي سگهي ٿي. 


 

 



[1]... سلوۃ العارفین، باب الخوف من سوء الخاتمۃ،جلد:2، صفحہ:165۔

[2]... وسائلِ فردوس، صفحہ:1،3 ملتقطاً۔

[3]... مجموع رسائل ابنِ رجب الحنبلی،التخویف من النار،جلد:4،صفحہ:103۔