Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

ڏينهن هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي وئي، هنن مون کي سمجهائيندي اجتماعي سنت اعتڪاف جو ذهن (Mindset) ڏنو، سندن پياري انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي اثر (Effect) ڪري وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿي ويس، هاڻي منهنجا ڏينهن ۽ راتيون عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پرسوز بيانن ۽ رقت انگيز دعائن منهنجي دل جي دنيا ئي بدلائي ڇڏي، ڪرم مٿان ڪرم اهو ٿيو جو اجتماعي اعتڪاف ۾ اميرِ اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي، سندن پُر اثر ارشادات کان مان ايترو ته متاثر (Impress)  ٿيس جو فوراً پنهنجي سمورن گناهن کان توبهه ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو ارادو ڪري ڇڏيو، اميرِ اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه   جي ترغيب (Motivation) ڏيارڻ تي عيد رات گهر وڃڻ بدران مان راههِ خدا جو مسافر بڻجي ويس جتي علمِ دين جي سونهري موتين سان دامن ڀرڻ جو موقعو مليو ۽ سنتن سکڻ سان گڏوگڏ انهن تي عمل ڪرڻ جو جذبو به دل ۾ پيدا ٿيو. 

مدنی مذاکرہ ہے شریعت کا خزینہ                                                          اَخْلاق کا، تہذیب کا، طریقت کا خزینہ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

صراط الجنان موبائل ايپلي ڪيشن

دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: صراط الجنان، القرآن مع تفسير (Sirat ul Jinan Al-Quran with Tafseer). هن ايپلي ڪيشن ۾ * مڪمل قرآن ڪريم * اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو لکيل ترجمو ڪنزالايمان * موجوده دور جي تقاضائن موجب قرآن پاڪ جو نهايت آسان ترجمو، ترجمو ڪنزالعرفان ۽ * آسان انداز ۾ لکيل، اردو جي سڀ کان جديد (Latest) تفسير، تفسير صراط الجنان شامل آهي. توهان ڪاٿي به هجو، هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان قرآن ڪريم ترجمي ۽ تفسير سان پڙهي ۽ سمجهي سگهو ٿا ان سان گڏوگڏ قرآني آيتون، ترجمو ۽ تفسير واٽس ايپ