Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai

معلوم ٿيو ته تبليغِ دين جي معاملي ۾ پهريون حڪم ئي اهو آهي: اُٿو...!! ڊيڄاريو...!! تنهنڪري ماڻهن کي ڊيڄارڻ، خوفِ خدا جي باري ۾ ٻڌائڻ ضروري آهي. هي تبليغِ دين جو هڪ بنيادي جزو (يعني حصو) آهي. 

قرآن  آيو  ئي  ڊيڄارڻ جي  لاءِ   آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جيڪو هدايت جو ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهي لکين نه پر ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون سنورجي چڪيون آهن، جنهن جا حق پورا ڪرڻ وارا، جنهن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ وارا ولايت جي بلند ترين درجن تائين پهچي ويندا آهن، اهو قرآن ڪريم بنيادي طور آيو ئي اِن لاءِ آهي ته ان جي ذريعي ماڻهن کي ڊيڄاريو وڃي. جي ها! الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي: 

وَ كَذٰلِكَ اَوْحَیْنَاۤ اِلَیْكَ قُرْاٰنًا عَرَبِیًّا لِّتُنْذِرَ اُمَّ الْقُرٰى وَ مَنْ حَوْلَهَا (پارو: 25، سورة شوريٰ: 7)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهڙي طرح اسان تنهنجي طرف عربي قرآن جي وحي موڪلي ته جيئن تون مرڪزي شهر (مڪي) ۽ ان جي آس پاس رهڻ وارن کي ڊيڄارين.

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته قرآن ڪريم نازل ئي اِن لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن ان جي ذريعي دِليُن ۾ خوف پيدا ڪيو وڃي. 

ڊيڄارڻ  وارا   خيرخواه    آهن

هاڻي اسان هن آيتِ ڪريمه کي سامهون رکي ٿورو غور ڪريون ته * قرآن ڪريم هدايت جو ڪتاب آهي ۽ نازل ڇو ٿيو؟ دلين ۾ خوفِ خدا وڌائڻ جي لاءِ. معلوم ٿيو ته خوفِ خدا هدايت ملڻ جو ذريعو آهي * قرآن ڪريم جي ذريعي قومن کي عروج، ترقي ۽ بلندي ملندي آهي ۽ قرآنِ ڪريم نازل ڇو ٿيو؟ دلين ۾ خوفِ خدا وڌائڻ جي لاءِ. معلوم ٿيو ته خوفِ خدا جي برڪت سان عروج، ترقي ۽ بلندي ملندي آهي * قرآن ڪريم الله جو قرب ڏيارڻ وارو  ڪتاب آهي ۽ نازل ڇو ٿيو؟ دلين ۾ خوفِ خدا وڌائڻ جي لاءِ. معلوم ٿيو ته خوفِ خدا جي برڪت سان الله پاڪ جو قرب حاصل ٿيندو آهي * اهڙي طرح غور ڪندا