Book Name:Daar Sunana Sunnat e Anbiya Hai
هاڻي بلڪل ڪاري آهي، اها ڪڏهن به نه وِسامَندي. اِهو ٻڌي هڪ حبشي روئڻ لڳو، حضرت جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام تشريف کڻي آيا ۽ پڇيائون هي ڪير آهي؟ الله پاڪ جي آخري نبي، محمدِ عربي صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: حبش جو رهاڪُو آهي ۽ پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي روئڻ کي پسند فرمايو. حضرت جبرائيل امين عَلَیْهِ السَّلَام فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: مون کي منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! جيڪو منهنجو ٻانهو دنيا ۾ منهنجي خوف جي سبب روئندو، مان ضرور ان کي جنت ۾ کِلائيندس. ([1])
مِرے اَشْک بہتے رہیں کاش ہر دَم تِرے خوف سے یاخُدا یااِلٰہی!
(3): رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن ڪنهن مومن جي دل الله پاڪ جي خوف کان لرزندي آهي ته ان جون خطائون ائين ڇَڻَنديون آهن جيئن سُڪل وڻ مان پَنَ ڇَڻَندا آهن.
(4): سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ فرمائي ٿو: مون کي منهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! جيڪو دنيا ۾ مون کان ڊڄندو رهيو، مان قيامت جي ڏينهن ان کي امن ۾ رکندس.([2])
میرا نازُک بدن جہنَّم سے اَزْ طُفیلِ رضا بچا یارَبّ!
کر دے جنّت میں تُو جَوار اُن کا عطا اپنے عطارؔ کو عطا یارَبّ! ([3])
الله پاڪ اسان کي خوفِ خدا، خوفِ قيامت ۽ خوفِ جهنم جي دولت نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار مدني مذاڪرو
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪيون ڪرڻ، گناهن کان نفرت جو جذبو حاصل ڪرڻ