Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
فضائن ۾ بلند ٿيون ۽ ان وقت ماڻهن جي روئڻ جو ڪو ٺڪاڻو نه هو، ننڍڙا ٻار پنهنجين مائرن کان پڇڻ لڳا: ”مؤذنِ رسول حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه ته اچي چڪا آهن، پر رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو نوراني چهرو نظر نٿو اچي، اهي ڪڏهن تشريف آڻيندا؟
بهرحال جڏهن حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه ”أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُوْلُ الله“ چيو ۽ پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کي اکين جي سامهون نه ڏٺائون ته غمِ جدائي ۾ انهن جي هڪ زوردار دانهن فضا ۾ گم ٿي وئي ۽ بيهوش ٿي زمين تي تشريف وٺي آيا. جڏهن هوش آيو ته اٿيا ۽ روئندي ملڪ شام روانا ٿي ويا.)[1](
جڏهن حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه جي وصال جو وقت ويجهو آيو ته سندن گهرَواري روئندي چوڻ لڳي: ”وَاحُزْنَاهُ“ يعني ”هاءِ غم جي ڳالهه“. حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه پنهنجي غمگين گهرواري کي دلاسو ڏيندي فرمايو: ”وَاطَرَبَاهُ“ يعني ”واه خوشي جي ڳالهه“، ”غَدًا نَلْقَي الْأَحِبَّةَ مُحَمَّدًا وَحِزْبَهُ“ يعني ”سڀاڻي اسان پنهنجن دوستن، پنهنجي آقا ۽ مولا محمد مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن اصحابن سان ملاقات ڪنداسين.)[2](
ڪنهن عاشق ڇا ته خوب چيو آهي:
قبر میں سرکار آئیں تو میں قدموں میں گِروں گَر فرشتے بھی اُٹھائیں تو میں ان سے یہ کہوں
اب تو پائے نا ز سے میں اے فرشتو!کیوں اٹھوں مَرکے پہنچا ہوں یہاں اِس دِلرُبا کے واسطے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد