Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

* سيده عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون ته: پياري محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن هڪ ڀيرو گهر مبارڪ ۾ هڪ ڍڳو پالي رکيو هو، ان جي عادت هئي، اهو هر وقت ٽهندو ۽ ڪڏندو رهندو هو، (پر ان جي محبتِ رسول تان قربان...!!) جڏهن رسولِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کي ايندو محسوس ڪندو هو ته آرام سان ويهي رهندو هو، جيستائين پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن گهر ۾ تشريف فرما هوندا هئا، تيستائين اهو ڍڳو سڪون سان ويٺو رهندو هو، ٿورو به آواز نه ڪندو هو ته متان پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کي تڪليف نه پهچي.[1]

اپنے مولیٰ کی ہے بَس شان عظیم ، جانور بھی کریں جن کی تعظیم

سنگ کرتے ہیں اَدَب سے تسلیم، پیڑ سجدے میں گرا کرتے ہیں([2])

محبتِ رسول ايمان جو اصل آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! الله ۽ رسول جي محبت دين ۾ اهم فرض، بلڪه پهرين شرط آهي. الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

قُلْ اِنْ كَانَ اٰبَآؤُكُمْ وَ اَبْنَآؤُكُمْ وَ اِخْوَانُكُمْ وَ اَزْوَاجُكُمْ وَ عَشِیْرَتُكُمْ وَ اَمْوَالُ اﰳقْتَرَفْتُمُوْهَا وَ تِجَارَةٌ تَخْشَوْنَ كَسَادَهَا وَ مَسٰكِنُ تَرْضَوْنَهَاۤ اَحَبَّ اِلَیْكُمْ مِّنَ اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ   ( پارہ:10، سورۂ توبہ:24)

ترجمو ڪنزالعرفان:  اوهان فرمايو: جيڪڏهن اوهان جا پيءُ، ۽ اوهان جا پٽ، ۽ اوهان جا ڀائر، ۽ اوهان جون زالون، ۽ اوهان جو خاندان، ۽ اوهان جو ڪمايل مال، ۽ اهو واپار جنهن جي نقصان کان اوهان ڊڄو ٿا، ۽ اوهان جا پسنديده گهر، اوهان کي الله ۽ ان جي رسول کان وڌيڪ پيارا آهن.


 

 



[1] مسند امام احمد، مسند عائشہ، جلد:10، صفحہ:226، حدیث:25559۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:112۔