Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

معراج تي پهتل هئا، جڏهن انهن اُٺ کي ڏٺو ته اهو محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جي حضور ۾ سجدو ڪري رهيو آهي، ته سندن دلين ۾ تڙپ پيدا ٿي وئي ۽ عشقِ رسول جوش ۾ اچي ويو، وڏي ادب سان عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي ته جانور آهي، بي سمجھ به آهي، ان جي باوجود اوهان جي انتهائي تعظيم ڪندي سجدو ڪري رهيو آهي، حضور! اسان ته انسان آهيون، الله پاڪ اسان کي عقل عطا فرمايو آهي (اسان تي اوهان جا جيترا احسان آهن، اوترا ته ڪنهن تي به نه ٿيا) اسان جو حق وڌيڪ بڻجي ٿو ته اسان تعظيم لاءِ اوهان کي سجدو ڪريون. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: ڪنهن به انسان لاءِ اهو جائز ناهي ته هو ڪنهن ٻئي انسان کي سجدو ڪري، جيڪڏهن ڪنهن انسان لاءِ ٻئي انسان کي سجدو ڪرڻ جائز هجي ها ته مان عورت کي حڪم ڏيان ها ته پنهنجي مڙس کي سجدو ڪري، ڇاڪاڻ ته مڙس جو حق تمام گهڻو آهي.[1]

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا:

پیشِ نظر وہ  نو بہار، سجدے کو دِل ہے بے قرار    روکیے سَر کو روکیے ہاں یہی امتحان ہے ([2])

وضاحت:  نظرن جي سامهون پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ   جو مبارڪ جلوو آهي، جيڪو الله پاڪ جي نورن ۽ تجلين جو مظهر آهي، سندس تخليق جو شاهڪار آهي. انهن جلون ۾ ٻُڏي، دل سر جھڪائڻ لاءِ بيقرار آهي، پر اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇا ٿا فرمائن: ته ”اي عاشقِ رسول! پنهنجي بيقراريءَ کي سنڀال، اهو ئي اصل امتحان آهي، ڇاڪاڻ ته شريعت ان جي اجازت نٿي ڏئي.“

ٻي جاءِ تي لکن ٿا:

اے شوقِ دِل! یہ سجدہ گر اُن کو روا نہیں


 

 



[1] مسند امام احمد، مسند انس بن مالک، جلد:5، صفحہ:445، حدیث:12949۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:179۔