Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
سامهون نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو ذڪر خير ٿيندو آهي ته اسان تي ڪا خاص ڪيفيت طاري ناهي ٿيندي! ان جي ابتڙ جڏهن اسان جي بزرگانِ دين رحمةُ اللهِ عَلَيْهم جي سامهون پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو ذڪر خير ٿيندو هو ته هيبت ۽ جلال سان انهن جي چهرن جو رنگ بدلجي ويندو هو ۽ عشق ۽ محبت ۾ انهن جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿيڻ لڳندا هئا. ان ضمن ۾ 2 رقت انگيز واقعا ٻڌو ۽ عشقِ رسول ۾ اضافو ڪريو:
(1)اسان کي انهن تي رحم اچڻ لڳندو هو
حضرت امام مالڪ رحمةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت ايوب سختياني رحمةُ اللهِ عَلَيْه جي سامهون جڏهن نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي حديث مبارڪ بيان ڪئي ويندي هئي ته اهي ايترو روئندا هئا جو اسان کي انهن تي رحم اچڻ لڳندو هو.)[1](
(2)ذڪر مبارڪ ٻڌندي ئي سنجيده ٿي ويندا هئا
حضرت امام ابنِ سيرين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام گهڻو مُسڪرائيندڙ ۽ خوش مزاج هئا، پر جڏهن انهن جي سامهون پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو ذڪرِ خير ٿيندو هو ته بلڪل سنجيده ٿي ويندا هئا، چهري تي رعب طاري ٿي ويندو هو، بدن مبارڪ مان عاجزي ۽ انڪساري ظاهر ٿيڻ لڳندي هئي ۽ کلڻ وارو انداز بلڪل ختم ٿي ويندو هو.)[2](
غمِ مصطفيٰ ۾ مديني شريف کان هجرت
اي عاشقانِ رسول! صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم معيارِ عشقِ رسول آهن، عشق رسول ۾ انهن جي مبارڪ ڪيفيتون ڪهڙيون هونديون هيون، ان متعلق