Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
اچھا! وہ سجدہ کیجیے! کہ سر کو خبر نہ ہو([1])
وضاحت: يعني سر جھڪائي سجدو ڪرڻ جائز ناهي، ته ٺيڪ آهي، اسان شريعت جو حڪم مڃيندي کين سجدو نٿا ڪريون، پر اي بيقرار دل! کين اهڙي سلامي پيش ڪر، جو ان سلاميءَ جي خبر مٿي کي به نه پوي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هي پيارو، عشق سان ڀريل ۽ ادب و تعظيم سان ڀرپور واقعو ٻڌو، ان تي غور فرمايو! جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن تشريف کڻي آيا ته اُٺ ڪهڙي نه ڪمال انداز سان پنهنجي محبت جو زبردست اظهار ڪيو. حضور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کي ڏسندي ئي ڊوڙي اچي حاضر ٿيو ۽ ايندي ئي سجدي ۾ ڪري پيو.
چاند شق ہو، پیڑ بولیں، جانور سجدے کریں
بارَکَ اللہ! مرجعِ عالَم یہی سرکار ہے([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سان جانورن جيڪو محبتن جو اظهار ڪيو، سُبْحٰنَ اللہ! اهو به هڪ الڳ موضوع آهي.
* روايتن ۾ آهي ته: پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جا ڏاڏا سائين حضرت عبدالمطلب رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جن جي مبارڪ پيشانيءَ ۾ نُورِ مصطفيٰ چمڪندو رهندو هو، اُن وقت جڏهن پاڻ جنگل ۾ ويندا هئا ته شينهن حاضر ٿي عرض ڪندا هئا: اي عبدالمطلب (رَضِىَ اللهُ عَنْهُ)! مون تي سواري ڪيو! ته جيئن نُورِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي خدمت جو شرف مون کي نصيب ٿي وڃي.