Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
هن آيتِ ڪريمه ۾ ڏسو! اهي سڀ شيون جن سان اسان کي محبت هوندي آهي، ڪم و بيش اهي سڀ ئي ڳڻائي ڇڏيون، فرمايو: اوهان جا پيءُ، پٽ، ڀائر، اوهان جون زالون، ڪٽنب، قبيلو، خاندان، مال، دولت، واپار، ايتري قدر جو اوهان جا پسنديده گهر...!! انهن مان ڪنهن به شيءِ جي محبت اوهان جي دل ۾ الله ۽ رسول جي محبت کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين ٿي ويو، انهن شين جي محبت وڌي وئي، محبتِ رسول ۾ گهٽتائي اچي وئي، دل انهن شين جي محبت ۾ وڌيڪ ۽ محبتِ رسول ۾ گهٽ تڙپڻ لڳي ته پوءِ ڇا ٿيندو...؟ فرمايو:
وَ جِهَادٍ فِیْ سَبِیْلِهٖ فَتَرَبَّصُوْا حَتّٰى یَاْتِیَ اللّٰهُ بِاَمْرِهٖؕ (پارہ:10، سورۂ توبہ:24)
ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ انتظار ڪيو ايستائين جو الله پنهنجو حڪم آڻي.
الله اڪبر...!! ڪيتري سخت وعيد آهي...؟ سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيتِ ڪريمه جي وضاحت ۾ فرمائن ٿا: هن آيت مان معلوم ٿيو ته جنهن کي دنيا جهان ۾ ڪو مُعَزَّز، ڪو عزيز، ڪو مال، ڪا شيءِ الله ۽ رسول کان وڌيڪ مَحبُوب (يعني پياري) هجي، اهو بارگاهِ الٰهي مان مردُود آهي، ان کي الله پاڪ پنهنجي طرف راهه نه ڏيندو، ان کي عذابِ الٰهي جي انتظار ۾ رهڻ گهرجي. الله پاڪ جي پناهه) ...!![1] (
غم روز گار میں تو میرے اشک بہہ رہے ہیں تیرا غم اگر رُلاتا تو کچھ اور بات ہوتی([2])
الله پاڪ جي محبت حاصل ڪرڻ جو شرط
الله پاڪ ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
قُلْ اِنْ كُنْتُمْ تُحِبُّوْنَ اللّٰهَ فَاتَّبِعُوْنِیْ یُحْبِبْكُمُ اللّٰهُ (پارہ:3، سورۂ آلِ عمران:31)
ترجموڪنزُ العرفان: اي حبيب! اوهان فرمايو ته اي انسانو! جيڪڏهن توهان الله سان محبت ڪريو ٿا ته منهنجا فرمانبردار بڻجي وڃو الله توهان سان محبت ڪندو.