Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

سنت لباس

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! فيشن وارو لباس ڇڏي سنتن ڀريو لباس اپنايو. لباس ۾ سنت اها آهي ته قميص جي دامن جي ڊيگهه اڌ پنڊلي تائين هجي ۽ آستين جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ آڱرين جي پورن تائين ۽ ويڪر هڪ گرانٺ هجي، ۽ مرد جو تهمبند يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي هجي بدقسمتي سان اڄ اسان کي پاجامي جا پائينچا ڀيڏين کان مٿي رکندي شرم ايندو آهي، جڏهن ته اها سرڪار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي پياري پياري سنت ۽ صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم جو طريقو آهي.

ياد رکو! تڪبر جي ڪري پاجامي يا شلوار جو پائينچو ڀيڏين کان هيٺ رکڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي ۽ ان تي سخت عذاب جي وعيد آهي. جيئن ته حديث پاڪ ۾ آهي: ”(تڪبر جي ڪري) تهمبند (۽ شلوار وغيره) جو جيڪو حصو ٻنهي مُرن کان هيٺ آهي اهو باهه ۾ آهي.)[1]( هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي: ”هڪ شخص تڪبر سان پنهنجو تهمبند گهليندو پئي ويو ته ان کي زمين ۾ دٻايو ويو ۽ اهو قيامت تائين دٻجندو هليو ويندو.)[2](

اي عاشقانِ رسول! پنهنجي لباس تي غور ڪرڻ جي عادت بڻايو. ٿي سگهي ته اڇو لباس پائڻ جي عادت بڻايو، ڇو ته اهو پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو پسنديده لباس آهي ۽ پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن ان کي پائڻ جي ترغيب ڏياري آهي. جيئن ته حديث پاڪ ۾ آهي: ”اڇو لباس پايو ۽ پنهنجا مردا به اڇي لباس ۾ ڪفنايو.)[3](

الله پاڪ اسان سڀني کي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي سنتن تي خوب عمل ڪرڻ جو جذبو نصيب فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  


 

 



[1]... بخاری، جز:4، صفحہ:46، حدیث:5787۔

[2]... بخاری، جز:2، صفحہ:471، حدیث:3485۔

[3]... ترمذی، جز:4، صفحہ:370، حدیث:2819 ملتقطاً۔