Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ  جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم  کي تَعَجُّب ٿيو ته اهڙي مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته هيئن پڙهندو آهي. )[1](

(6) دُرُود شَفَاعت

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ

شافع امم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي. )[2](

(1) هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ

حضرتِ سَيِّدُنا ابنِ عباس رَضِى اللهُ عَنْھُمَا کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينه
 صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن. )[3](

(2) ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي

لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ الْحَلِیْمُ الْکَرِیْمُ، سُبْحٰنَ اللّٰہِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِیْم

(خداءِ حليم و ڪريم کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ناهي، الله عَزَّوَجَلَّ


 

 



[1]... القول البدیع، الباب الاول، ص125[1]

[2]... الترغیب والترهیب، ج 2، ص 329، حدیث 31

[3]... مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305