Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
فرمايو: اَلْاٰنَ يَاعُمَر يعني اي عمر! هاڻي (تون ايمان جي بلند ترين درجي تي پهچي ويا آهيو).)[1](
پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي ذاتِ والا صفات اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز هجڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اسان زباني طور تي پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز چئون ٿا ۽ محبت جو دم ڀريون ٿا، پر ان محبت جي نشاني ۽ تڙپ اسان جي اندر عملي طور تي نه ٿي ملي، جڏهن ته اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم صرف گفتار جا غازي نه هئا، بلڪه محبت رسول انهن جي عمل ۽ ڪردار ۾ نظر ايندي هئي. انهن کي سرڪارِ مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ سان ايتري قدر عشق هو جو جنهن جو مثال نٿو ملي. اهي پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي هر هر ادا کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ايتري تائين جو جيڪڏهن ڪنهن حديثِ پاڪ کي بيان ڪندي پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ڪا خاص ادا اپنائي هجي ته صحابهءِ ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهم به ان حديث پاڪ کي بيان ڪندي ان خاص ادا کي اپنائيندا هئا.
بيان دوران مُرڪي پيا...!!
حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جيڪي صحابي رسول آهن، هڪ ڀيرو پاڻ حديث پاڪ بيان فرمائي رهيا هئا، بيان دوران (اڃا حديث شريف پوري به نه ٿي هئي، ان جي وچ ۾ ئي) پاڻ مرڪي پيا. حاضرين کي فرمائڻ لڳا: ”اوهان مون کان پڇو ئي نٿا ته مان ڇو مُرڪيس؟“ سڀني عرض ڪيو: ”اوهان ڇو مُرڪيا؟“ ارشاد فرمايائون: جڏهن رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن هي واقعو ٻڌايو هو ته پاڻ به مُرڪي پيا هئا. بس انهيءَ ئي اداءِ مصطفيٰ کي ادا ڪرڻ لاءِ مان به مُرڪيو آهيان.([2])