Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

موت مومن جي لاءِ تحفو آهي

اي عاشقانِ رسول! موت مؤمن لاءِ تحفو آهي.)[1]( ۽ هي پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي زيارت جو هڪ ذريعو آهي، ان ڪري مؤمن موت کان ناهي ڊڄندو، بلڪه هو خوش ٿيندو آهي ته مرڻ کانپوءِ ان کي قبر ۾ سرڪارِ مدينه        صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي زيارت نصيب ٿيندي.

سڄي مال ۽ اولاد جي بدلي ۾ زيارتِ رسول

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمانِ عاليشان آهي: ”منهنجي وصالِ ظاهري کانپوءِ اهڙا ماڻهو به هوندا جيڪي تمنا ڪندا ته ڪاش! انهن جو سڄو مال ۽ اولاد انهن کان وٺي ڇڏجي ۽ ان جي بدلي ۾ اهي منهنجي زيارت ڪري سگهن.)[2](

قسمت مجھے مِل جائے بلالِ حبشی کی

دم عشقِ محمد میں نکل جائے تو اچھا ہے

خاتون روئيندي روئيندي جان ڏئي ڇڏي

   سڀني مسلمانن جي پياري امڙ حضرت بي بي عائشه رَضِیَ اللہ عَنها جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿي هڪ خاتون عرض ڪيو: ”مون کي تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي مبارڪ قبر جي زيارت ڪرايو.“ حضرت بي بي عائشه صديقه رَضِیَ اللہ عَنها حجرو شريف کوليو ۽ ان خاتون قبر انور جي زيارت ڪري روئيندي روئيندي جان ڏئي ڇڏي.)[3](

آپ کے عشق میں اے کاش! کہ روتے روتے

یہ نکل جائے میری جان مدینے  والے

(وسائلِ بخشش، ص422)


 

 



[1]... شعب الایمان، جلد:7، صفحہ:171، حدیث:9884۔

[2]... مسلم، صفحہ:1164، حدیث:7145ماخوذاً۔

[3]... سبل الہدیٰ و الرشاد، جلد:12، صفحہ:343 ماخوذاً۔