Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن خدا جي راهه ۾
پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ الله ۽ رسول جي محبت وڌائڻ، دين ۽ دنيا جون ڀلايون ميڙڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي چڙهي حصو وٺو!اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! گهڻيون برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن خدا جي راهه ۾ به آهي.
دورِ حاضر جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي هي مقصد ڏنو آهي ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول ان مقصد جي تڪميل لاءِ ڳوٺن، شهرن جي اطراف ۽ شهرن جي اهڙن علائقن جتي ديني ڪم ڪمزور آهي اتي وڃي نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن * ڪنهن به ڏينهن خاص ڪري جمعي يا آچر واري ڏينهن اسلامي ڀائر انهن علائقن ۾ ويندا آهن * اتي مسجد ۾ نفل اعتڪاف ٿيندو آهي* نيڪي جي دعوت عام ڪئي ويندي آهي * اوهان به تشريف کڻي اچو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! * علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو * خدا جي راهه ۾ نڪرڻ جي سعادت ملندي * حديثِ پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم خدا جي راهه ۾ مٽي هاڻ ٿين، انهن کي جهنم جي باهه نه ڇُهندي.)[1]( * جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا لاءِ پنهنجن مسلمان ڀائرن وٽ شهر جي اطراف ۾ وڃي، حديثِ پاڪ ۾ ان لاءِ جنت جي خوشخبري آئي آهي.)[2]( اچو ته ترغيب لاءِ اوهان کي هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.