Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي لاءِ بيان ٻڌندس *باادب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، خود عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت انس بن مالڪ رَضِيَ اللهُ عَنْه رسول الله جا صحابي آهن، کين 10 سالن تائين محبوب صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي خدمت ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي. پاڻ فرمائن ٿا: انصاري صحابه جو هڪ گھر هو، انهن هڪ اُٺ پاليو هو، جنهن تي فصل جي لاءِ پاڻي کڻي ايندا هئا. هڪ ڀيري ائين ٿيو جو اهو اُٺ سرڪش ٿي ويو، يعني غصي ۾ ڀرجي ويو. اوهان جي ڄاڻ لاءِ عرض ڪيان؛ اُٺ عام طور تي ته پُر امن جانور آهي، پر جڏهن هي غصي ۾ ڀرجي وڃي ته شينهن جيترو خطرناڪ ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي ماري به ڇڏيندو آهي.
خير! انهن انصاري صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهُم جو اُٺ سرڪش ٿي ويو ۽ سندن قابو ۾ نه اچي رهيو هو. هاڻي ڇا ٿيڻو هو؟ سُبْحٰنَ الله
جنّ و اِنْس و ملک کو ہے بھروسا تیرا
سرورا مرجعِ کُلْ ہے درِ والا تیرا
وضاحت : مرجَعِ ڪُل: يعني سڀني جي موٽڻ جي جاءِ. مطلب هي ته جن هجن، انسان هجن يا ملائڪ، جڏهن به کين ڪا مشڪل پيش ايندي آهي ته سڀني کي پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو ئي پاڪ در نظر ايندو آهي.
اهو انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو. ان وقت نوراني محفل لڳل هئي، صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنْهُم حاضر هئا. انصاري