Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! هڪ خاتون جو عشقِ رسول جو اهو عالم هو جو قبرِ انور جي زيارت ڪندي ئي ان تي عشق ۽ محبت جي ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ ان روئيندي روئيندي بارگاھ رسالت ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ڇڏيو! اهڙيءَ طرح اسان جي بزرگن کي به سرڪارِ مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سان بي پناھ عقيدت ۽ محبت هوندي هئي، پر افسوس! اڄ اسان جي اندر صحيح معنيٰ ۾ محبت جو جذبو ۽ وَلولَو نه رهيو آهي. صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہ عَنهم صرف زباني طور تي نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سان محبت جي دعويٰ نه ڪندا هئا پر پنهنجي عمل مبارڪ ان جو ثبوت به ڏيندا هئا، جڏهن ته اسان محض زباني طور تي محبت جي دعويٰ ڪندا آهيون، پر اسان جو عَمَل ان دعويٰ سان مطابقت نٿو رکي. صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہ عَنهم سرڪار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي هڪ هڪ ادا تي عمل ڪرڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا، جيئن ته
حضرت انس رَضِیَ اللہ عَنه بيان فرمائي ٿو ته هڪ درزيءَ رسولُ الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي دعوت ڪئي. مان به پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سان گڏ دعوت ۾ شريڪ ٿيس. جَوَن جي ماني ۽ شوربو حضور صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي سامهون آندو ويو جنهن ۾ ڪدو ۽ خشڪ ڪيل لوڻياٺو گوشت هو. کائڻ دوران مون پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کي ڏٺو ته پيالي جي ڪنارن تان ڪدوءَ جا ٽڪرا ڳولهي رهيا هئا. ان ڪري مان ان ڏينهن کان ڪدو پسند ڪرڻ لڳس.)[1](
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہ عَنهم ڪهڙي قدر سرڪار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي پسند جو خيال رکندا هئا، پر افسوس! اسين