Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

هڪ ايمان افروز ۽ عشقِ رسول سان ڀرپور واقعو ٻڌو! ڪتابن ۾ لکيل آهي:  اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي وصالِ ظاهري کانپوءِ ڪيترن ئي صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہ عَنهم لاءِ مديني شريف ۾ رهي زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويو هو، ڇو ته جڏهن اهي مديني شريف ۾ پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي اٿڻ ويهڻ جي جاين ۽ انهن گهٽين کي ڏسندا هئا جتي پاڻ سڳورن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ قدم رکندا هئا ته ڏاڍا رنجيده ٿي ويندا هئا ۽ انهن کان پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي جدائي برداشت نه ٿيندي هئي، تنهنڪري ان ئي فراق ۽ جدائيءَ جي تاب نه آڻيندي اهي مديني شريف کان هجرت ڪري ويا.)[1](

مؤذنِ رسول جي مديني شريف کان هجرت

حضرت بلال حبشي رَضِیَ اللہ عَنه کان به نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي جدائي برداشت نه ٿي، لهٰذا پاڻ رَضِیَ اللہ عَنه تي ڪڏهن اهڙي رقت طاري ٿي ويندي هئي جو مديني شريف جي گهٽين ۾ ديوانن وانگر گهمندا هئا ۽ ماڻهن کان پڇندا هئا ته جيڪڏهن توهان ڪٿي تاجدارِ مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کي ڏٺو آهي ته مون کي به ڏيکاريو. آخرڪار جدائي جي سَهپ نه آڻيندي پاڻ مدينو شريف ڇڏي ملڪ شام جي شهر ”حلب“ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ڪجهه عرصو گذرڻ کانپوءِ جڏهن هڪ رات ستا ته قسمت جاڳي پئي ۽ خواب ۾ مديني جي تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي زيارت سان مشرف ٿيا. مبارڪ چپن کي جنبش ٿي، رحمت ۽ محبت جا گل ٽڙي پيا ۽ لفظن ڪجهه هن ريت ترتيب پاتي: ”مَا هَذِهِ الْجَفْوَةُ يَا بِلَال! أَمَا آنَ لَكَ أَنْ تَزُوْرَنِي يَا بِلَال!“ يعني ”اي بلال! هي ڪهڙي جفا آهي! ڇا اڃا اهو وقت نه آيو آهي ته تون منهنجي زيارت لاءِ حاضر ٿئين!“ مبارڪ فرمان ٻڌندي ئي حضرت بلال


 

 



[1]... مدارج النبوۃ، جلد:2، صفحہ:444 ملتقطاً۔