Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم سُنت جي پيرويءَ جو ڪهڙو جذبو رکندا هئا! اهي الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي پياري پياري ادائن کي اپنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا هئا ۽ ان سلسلي ۾ اهو به نه ڏسندا هئا ته فلاڻو ڪم ڪرڻ سُنتِ مُؤَڪدَه آهي ۽ فلاڻو سُنتِ غيرِ مُؤَڪدَه آهي. اهي بس ايترو ڏسندا هئا ته فلاڻو ڪم نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن هن طريقي سان ڪيو، پوءِ ان ڪم کي بلڪل انهيءَ ئي طريقي مطابق ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
عقل کو تَنْقِید سے فرصت نہیں عشق پر اَعمال کی بُنیاد رکھ
اي عاشقانِ رسول! صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم اهڙا زبردست عاشقِ رسول هئا جو اهي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي هر ادا کي اپنائڻ لاءِ بيقرار رهندا هئا. ان ضمن ۾ هڪ ٻيو محبت ڀريو واقعو ٻڌندا:!!
ڏاچيءَ سان گڏ ڦيرا لڳائڻ جي حڪمت
حضرت علامه قاضي عياض مالڪي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي مشهور ڪتاب ”شفاء شريف“ ۾ نقل فرمائن ٿا: هڪ مقام تي حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللہ عَنهما پنهنجي ڏاچيءَ کي گهمايو. پڇڻ تي ارشاد فرمايائون: ”مون کي ان کان سواءِ ڪجهه معلوم ناهي ته مون رسول اڪرم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن کي هن مقام تي ائين ڪندي ڏٺو هو، تنهن ڪري مون به ائين ئي ڪيو آهي.)[1](
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! صحابه ڪرام رَضِیَ اللہ عَنهم جو اتباعِ سنت جو جذبو ڏسو ۽ ٻئي طرف پنهنجي محبت تي غور ڪريو ته بلڪل کوکلي، عمل کان خالي ۽ زبان جي چوٽي تائين محدود آهي. افسوس! جڏهن اسان جي