Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat

ڪيترن ئي معاملن ۾ پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي پسند ۽ سنتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون، عقيقي، نڪاح ۽ وليمن جهڙين سنتن جي ادائيگي جي موقعي تي اسين سنتن جي بدران فيشن کي سامهون رکندا آهيون، فيشن مطابق لباس سبرائيندا، وار ڪٽرائيندا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ڪوڙائي پنهنجو چهرو باهه جي پوڄا ڪندڙن جهڙو بڻائيندا آهيون. جيڪڏهن اسين پنهنجي خاندان تي نظر ڊوڙايون ته معلوم ٿيندو ته خاندان جي ڪنهن به فرد کي زلفون رکڻ جي سعادت نصيب ناهي، جڏهن ته زلفون رکڻ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي پياري پياري سنت آهي، پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  هميشه زلفون رکيون، ڪڏهن اڌ ڪن تائين، ڪڏهن پوري ڪن تائين ۽ ڪڏهن وڌي وينديون هيون ته مبارڪ ڪلهن کي ڇهنديون هيون.)[1](

مُشرڪن جي مخالفت ڪريو

ڏاڙهيءَ جي ڇا ته شان آهي، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن ڏاڙهي سان تمام گهڻو پيار فرمائيندا هئا: ”خَالِفُوا الْمُشْرِکِیْنَ وَفِّرُوا اللِّحَی وَاَحْفُو الشَّوَارِبَ“ يعني مشرڪن جي مخالفت ڪريو، ڏاڙهيون وڌايو ۽ مڇون خوب ننڍيون ڪريو.)[2]( هڪ مقام تي ارشاد فرمايائون: ”مَنْ رَغِبَ عَنْ سُنَّتِيْ فَلَيْسَ مِنِّيْ“ يعني ”جنهن منهنجي سنت کان منهن موڙيو اهو مون مان ناهي.)[3]( ائين ئي هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايائون: ”مَنْ تَشَبَّهَ بِقَوْمٍ فَھُوَ مِنْھُمْ“ يعني ”جيڪو شخص جنهن قوم سان مشابهت اختيار ڪندو اهو انهن مان ئي هوندو.)[4](


 

 



[1]... الشمائل المحمدیہ، صفحہ:18 و 34و 35ملتقطاً۔

[2]... بخاریِ جز:4، صفحہ:75، حدیث:5892۔

[3]... بخاری، جز:3، صفحہ:421، حدیث:5063۔

[4]... ابو داود، جز:4، صفحہ:62، حدیث:4031۔