Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
هن مبارڪ آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الله پاڪ جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ سُنت جي پيروي شرط آهي. يعني جيڪڏهن ڪو الله پاڪ جو پسنديده ٻانهو بڻجڻ چاهي ٿو ته ان کي گهرجي ته سُنت جي پيروي ڪري. ظاهر آهي ته سُنت جي پيروي اهو ئي ڪندو جنهن کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن سان محبت هوندي. هاڻي ڄڻ ته اهو فرمايو پيو وڃي: اي انسانو...!! محبتِ رسول ۾ تڙپي، سندن ادائن کي اپنائڻ شروع ڪريو، سُنتِ مصطفيٰ جا ديوانا ٿي وڃو...!! الله پاڪ اوهان کي پنهنجو محبوب ٻانهو بڻائي وٺندو.
اللہ کا مَحْبُوب بنے جو تمہیں چاہے اُس کا تو بیاں ہی نہیں کچھ تم جسے چاہو
اي عاشقانِ رسول! اسان جو ايمان ان وقت ئي ڪامل ٿيندو جڏهن اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ عزيز ڄاڻينداسين، نه ته اسان ڪامل مؤمن نه ٿا ٿي سگهون.
هڪ ڀيري مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِيَ اللهُ عَنْه، مُحَمَّدِ عربي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان مون کي منهنجي جان کانسواءِ هر شيءَ کان وڌيڪ محبوب آهيو. پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: نه! ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي قدرت ۾ منهنجي جان آهي! (اي عمر! تنهنجو ايمان ان وقت تائين ڪامل نه ٿيندو) جيستائين مان تنهنجي ويجهو تنهنجي جان کان به وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان. حضرت فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! خدا جو قسم! اوهان مون کي منهنجي جان کان به وڌيڪ محبوب آهيو. اهو ٻڌي پاڻ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ ارشاد