Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
اسان ته بس دعوتِ اسلامي جا ٿي رهياسين
هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان عام نوجوانن وانگر غفلت جي زندگي گذاري رهيو هيس. منهنجي قسمت جو ستارو ايئن چمڪيو جو هڪ ڏينهن اسان جي علائقي ۾ ڪجهه اسلامي ڀائر هڪ ڏينهن خدا جي راهه ۾ گذارڻ لاءِ آيا. انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي هن ديني ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، تنهنڪري مان به پنهنجي ڪجھ دوستن سان شامل ٿي ويس. واپس ويندي هڪ اسلامي ڀاءُ هفتيوار اجتماع جي دعوت ڏني ته اسان عرض ڪيو: جيڪڏهن ياد رهيو ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ضرور شرڪت ڪنداسين. بهرحال اسان اجتماع ۾ شرڪت ڪري ورتي، اتي انهيءَ ئي اسلامي ڀاءُ سان ملاقات ٿي جن اسان کي اجتماع جي دعوت ڏني هئي. اهي ايتري اخلاق سان پيش آيا جو اسان ته بس دعوتِ اسلامي جا ٿي رهجي وياسين. منهنجو ته ڄڻ اندازِ زندگي ئي بدلجي ويو، نمازن جي پابندي نصيب ٿي، گانن جي جاءِ نعت شريف ورتي، چهري تي ڏاڙهي ۽ مٿي تي عمامو سجائي ورتم، ايئن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس.
عطائے حبیبِ خدا دینی ماحول ہے فَیضانِ غوث ورضا دینی ماحول
تُو داڑھی بڑھا لے عِمامہ سجا لے نہیں ہے یہ ہرگز بُرا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
ايپلي ڪيشن جو تعارف: بهارِ شريعت
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي به مختلف انداز سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي. ان