Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
ڀري انداز ۾ اذان ٻڌائڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳا، پر حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه معذرت ڪئي ۽ ارشاد فرمايائون: ”اي ڀائرو! توهان ڄاڻو ٿا ته جڏهن مان رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي ظاهري حيات ۾ اذان ڏيندو هئس ته ”أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُوْلُ الله“ چئي پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جو ديدار ڪري وٺندو هئس، پر افسوس! اڄ اهو منظر نگاهن کان غائب هوندو! ان ڪري مان اذان ڏيڻ جي سگھ نٿو رکان.“ بهرحال حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه ڪنهن به صورت ۾ اذان ڏيڻ تي راضي نه ٿيا.
ڪجھ صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہ عَنهم اها تجويز ڏني ته ڇو نه حسنين ڪريمين رَضِیَ اللہ عَنهما کي گهرايو وڃي ته جڏهن رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جا نواسا فرمائش ڪندا ته پوءِ حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه وٽ انڪار جي گنجائش نه رهندي. تنهنڪري ماڻهو جلدي مان ٻنهي شهزادن کي وٺي آيا. حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه ٻنهي شهزادن کي سيني سان لڳائي ورتو ۽ پيار ڪرڻ لڳا. شهزادن فرمائش ڪئي: ”اي بلال! هڪ ڀيرو اسان کي اها اذان ٻڌايو جيڪا توهان اسان جي نانا جان صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي حياتِ ظاهري ۾ ڏيندا هئا. هاڻي انڪار جي گنجائش ڪٿي هئي؟ تنهنڪري حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه مسجد نبوي شريف جي ڇت جي ان حصي ۾ تشريف وٺي ويا جتي حضور نبي ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي حياتِ ظاهري ۾ اذان ڏيندا هئا. جڏهن حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه مديني شريف جي پر نور فضائن ۾ پنهنجي سوز ڀري آواز ۾ ”اَللهُ اَکْبَر، اَللهُ اَکْبَر“ سان اذان جو آغاز فرمايو ته در ۽ ديوار لُڏي ويا، ماڻهن ۾ غم ۽ صدمي جي ڪيفيت ڇائنجي وئي، آهستي آهستي آواز مديني شريف جي فضائن ۾ بلند ٿيو، جنهن کي ٻڌي ماڻهن جون هڏڪيون ٻَڌجي ويون، سڀ ماڻهو پنهنجي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه ”أَشْهَدُ أَنَّ مُحَمَّدًا رَسُوْلُ الله“ چيو ته هزارين رڙيون يڪدم