Book Name:Mohabbat e Rasool Ke Waqiat
رَضِیَ اللہ عَنه سفر جو سامان ٻَڌي سواريءَ تي سوار ٿيا ۽ مديني شريف ڏانهن هلي پيا ۽ وڏي تيزيءَ سان منزلون طئي ڪندا مديني پاڪ ڏانهن وڌندا پئي ويا. ياد رکو! جنهن جو ارادو طيبه لاءِ ٻڌل هجي ان کي آس پاس جي ماحول سان ڪو سروڪار ناهي هوندو، ان ڪري حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه تي صرف هڪ ئي ڌن سوار هئي ته جلد کان جلد پياري آقا صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي قدمن ۾ پهچي وڃان.
گھر سے کہیں اچھا ہے مدینے کا مسافر یہاں صبح وطن شام غریب الوطنی ہے
کہتا ہے مسافر سے یہ ہر نخلِ مدینہ آرام ذرا لے لو یہاں چھاؤں گھنی ہے
آخرڪار هي عاشقِ زار مديني پاڪ جي مهڪندڙ فضائن ۾ پهچي ويو. مديني شريف جي گهٽين ۾ پهچندي ئي دل جي دنيا بدلجي وئي، ڪيف ۽ مستي جو عالَم طاري ٿي ويو، ديوانن وانگر مديني شريف جي گهٽين ۾ تاجدارِ مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ کي ڳولَهڻ لڳا. جڏهن رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ مديني شريف جي گهٽين ۾ نظر نه آيا ته سڀني مسلمانن جي پياري امڙ جان حضرت بي بي عائشه رَضِیَ اللہ عَنها جي حجري ۾ موجود رسول ڪريم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي قبر انور تي پهتا ۽ روئي روئي عرض ڪيائون: ”يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! حلب مان غلام کي زيارت لاءِ گهرايو ۽ جڏهن غلام زيارت لاءِ حاضر ٿيو ته توهان پردي ۾ لڪي ويا.
مطلب ته! هيڏي عرض ۽ معروض پيش ڪئي پئي وئي ۽ هوڏانهن مديني طيبه ۾ اها خبر تيزي سان پکڙجي وئي ته مؤذنِ رسول حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه مديني شريف ۾ تشريف وٺي آيا آهن. بس پوءِ سڀني جي نگاهن ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن جا جلوا وري اڀري اچڻ لڳا، بيقرار دليون تڙپڻ لڳيون، ماڻهو منٿون ڪندي ۽ روئي روئي التجائون ڪندي حضرت بلال رَضِیَ اللہ عَنه کان هڪ ڀيرو وري پنهنجي سوز