Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

یَا مُحَمَّدُ! وَاللہِ مَا کَانَ عَلَی الْاَرْضِ وَجْہٌ اَبْغَضُ اِلَیَّ مِنْ وَجْہِکَ فَقَدْ اَصْبَحَ وَجْہُکَ اَحَبُّ الْوُجُوْہِ اِلَیَّ

ترجمو: يعني يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! خُدا جو قسم! مون کي توهان جي چهري کان وڌيڪ ڪنهن به چهري سان نفرت نه هئي، اڄ سڀ کان مَحْبُوب چهرو توهان جو ئي آهي.

وَاللہِ مَا کَانَ مِنْ دِیْنٍ اَبْغَضُ اِلَیَّ مِنْ دِیْنِکَ فَاَصْبَحَ دِیْنُکَ اَحَبُّ الدِّیْنِ اِلَیَّ

ترجمو: خُدا جو قسم! مون کي سڀ کان وڌيڪ توهان جي دِين سان نفرت هئي، هاڻي اهو ئي دِين سڀ کان وڌيڪ مَحْبُوب آهي.

وَ اللہِ مَا کَانَ مِنْ بَلَدٍ اَبْغَضُ اِلَیَّ مِنْ بَلَدِکَ فَاَصْبَحَ بَلَدُکَ اَحَبُّ الْبِلَادِ اِلَیَّ ([1])

ترجمو: خُدا جو قسم! توهان جي شهر کان وڌيڪ ڪنهن به شهر سان نفرت نه هئي، هاڻي اهو ئي شهر سڀني شهرن کان وڌيڪ محبوب ٿي ويو آهي.

اُن کے جلووں میں ہیں وہ دلچسپیاں             جو    وہاں    پہنچا،    وہیں    کا    ہو    گیا([2])

دِليون مُنَوَّر ٿي ويون

پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ اڪرم، نورِ مُجَّسَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اَخْلاق، سندن عادتون، سندن مبارَڪ انداز ڪيڏا پيارا، ڪيڏا نِرالا، ڪيڏا دِل نشين هئا، حضرت ثُمامَه بن اُثَال رَضِیَ اللهُ عَنْہُ صِرْف سندن ادائون ڏٺيون، 3 ڏينهن تائين حضور جي اَخْلاق کي رڳو پري کان ڏسندا رهيا، انهيءَ جو ايترو اَثَر ٿيو جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.

کیا کشش تھی سرورِ عالَم کے حُسْنِ پاک میں            سینکڑوں کُفّار کو دَم میں مسلماں کر دیا

               ہو گئی کافُور ظلمت، دِل مُنَوَّر ہو گئے                      جس  طرف  بھی  اُس  نے  اپنا  رُوئے  تاباں  کر  دیا([3])

لفظن جون معنائون: ظُلْمت کافُور ہونا: اونداهي ختم ٿي وڃڻ. رُوئے تاباں: روشن، چمڪدار، نُور وسائيندڙ چهرو.


 

 



[1]... بخاری،کتاب المغازی، باب وفد بنی حنیفۃ...الخ،صفحہ: 1086،حدیث:4372۔

[2]... ذوق نعت،صفحہ:35۔

[3]... قبالۂ بخشش،صفحہ:19۔