Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi
يعني محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڀِرُون مبارَڪ جو بَس اِشارو ئي ٿي وڃي ته دُعائون پُوريون ٿي وڃن ٿيون، هي اهو مُقَدَّس تِير آهي جيڪو ڪڏهن به خطا نٿو کائي.
غور فرمايو! جڏهن رسولن جا تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جي لاءِ دُعا فرمائيندا ته پوءِ ڇو نه بگڙيل ڪم بڻجندا، ان ڪري اسان کي گهرجي ته درودِ پاڪ جي عادَت بڻايون، خاص طور تي جمعي جي رات (يعني خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات) ۽ جمعي جي ڏينهن ڪَثرت سان درود شريف پڙهون. الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي.
حکمِ حق ہے پڑھو! درود شریف چھوڑو مت غافِلو! درود شریف
پڑھ کے ایک بار، پاؤ دس رحمتیں خُوب سَودا ہے لو! درود شریف
خُود خُدا بھیجتا ہے اُن پر درود تم بھی بھیجا کرو! درود شریف
آخرت کے سفر کو اے بیدلؔ! نَوشتَہ تم لے چلو! درود شریف([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! *رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس *باادب ويهندس *خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس *جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد