Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

Book Name:Andhay Sheeshon Mein Chamka Hamara Nabi

جتي صدين کان ڪو به نبي تشريف کڻي نه آيو هو. ڪمال اهو آهي ته پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هيٺاهين واري کڏ ۾ ڪريل قوم کي سنواري زماني جو امام بڻائي ڇڏيو. الله پاڪ فرمائي ٿو؛

لَقَدْ  مَنَّ  اللّٰهُ  عَلَى  الْمُؤْمِنِیْنَ  اِذْ  بَعَثَ  فِیْهِمْ  رَسُوْلًا  مِّنْ  اَنْفُسِهِمْ  یَتْلُوْا  عَلَیْهِمْ  اٰیٰتِهٖ  وَ  یُزَكِّیْهِمْ  وَ  یُعَلِّمُهُمُ  الْكِتٰبَ  وَ  الْحِكْمَةَۚ-وَ  اِنْ  كَانُوْا  مِنْ  قَبْلُ  لَفِیْ  ضَلٰلٍ  مُّبِیْنٍ(۱۶۴) (پارو:4، سورۀ آلِ عمران:164)    

ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ الله ايمان وارن تي وڏو احسان فرمايو جڏهن انهن ۾ هڪ رسول موڪليائين جيڪو انهن ئي مان آهي۔ اهو انهن جي سامهون الله جي آيتن جي تلاوت فرمائيندو آهي ۽ انهن کي پاڪ ڪندو آهي ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيندو آهي جڏهن ته اهي ان کان اڳ ۾کليل گمراهيءَ ۾ هئا.

هي آيت سڳوري اسان پهريان به ڪيترائي ڀيرا ٻڌي هوندي، مان جنهن طرف تَوَجُّه ڏيارڻ چاهيان ٿو، اهو هن آيت سڳوري جو آخري حصّو آهي، فرمايو ويو:

وَ  اِنْ  كَانُوْا  مِنْ  قَبْلُ  لَفِیْ  ضَلٰلٍ  مُّبِیْنٍ(۱۶۴)     (پارہ:4، سورۀ آلِ عمران:164)

ترجمو ڪنز العرفان: جڏهن ته اهي ان کان اڳ ۾کليل گمراهيءَ ۾ هئا.

يعني حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَّسَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري کان پهريان پُوري دُنيا خاص ڪري اَهْلِ عرب * عقيدن * اَعْمال * اَخْلاق ۽ ڪردار وغيره هر قسم جي گمراهين ۾ مُبتَلا هئا.

اللهُ اڪبر! اها قوم جيڪا هر طرح سان هيٺاهين جو شڪار هئي، دُنيا ۾ اونداهي ئي اونداهي ڇانيل هئي * شرڪ عام هو * تَوْحِيْد جي سڀ کان وڏي مرڪز يعني ڪعبي شريف کي به شِرْڪ جي گندگي سان لٿڙيو ويو هو * جيئرن انسانن کي ڪَٽي پٿرن جي اڳيان قربان ڪيو ويندو هو * جانور به پنهنجن ٻچن جي حفاظت ڪندا آهن پر ان دور جو انسان ايترو سخت دِل هو جو پنهنجين ئي ڌيئرن کي زنده دفن ڪري ڇڏيندو هو * مائرن، ڀينرن، ڌيئرن جون عزتون نيلام ٿي رهيون هيون * پيءُ فوت ٿيندو هو ته پٽ